غزه (م ڊ) عزه ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطيني ٻارڙيءَ جي دل ڌوڏيندڙ وصيت سامهون اچي وئي آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته منهنجا جوتا صاف ڪري غريب ٻارن کي ڏنا وڃن.  پرڏيهي ميڊيا موجب عزه جي اسپتال تي اسرائيلي بمباري سبب شهيد ٿيندڙ فلسطيني ٻارڙي حيا جي وصيت سامهون آئي آهي. عزه ۾ اسرائيل بمباري سبب هيل تائين هڪ هزار کان وڌيڪ ٻار ۽ عورتون شهيد ٿي چڪيون آهن. اسپتال تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ نينگري حيا شهادت کان اڳ هڪ سادي پني تي وصيت لکي جنهن تي لکيو ته منهنجي پاڪيٽ مني (خرچي) جا 45 شيڪل منهنجي ماءُ کي ڏنا وڃن، 5 شيڪل منهنجي ڀاءُ هاشم کي ۽ 5 ڀيڻ ذينه کي ڏنا وڃن، 5 شيڪل ڏاڏيءَ کي ۽ 5 پڦيءَ کي ڏنا وڃن. شهيد حيا جي وصيت موجب 5 شيڪل ماسي ۽ 5 شيڪل ماسڙ کي به ڏنا وڃن. منهنجا جوتا صاف ڪري ڪنهن غريب ٻار کي ڏنا وڃن.