حيدرآباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جي معاون خاص ۽ اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم حيدرآباد ۾ ليبر ونگ پاران ڏنل آجياڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي هن چيو ته منظور وساڻ جو اڃا تائين ڪو به خواب پورو نه ٿيو آهي في الحال انهن جو نمبر آهي اسان جو جڏهن آيو پوءِ ڏسنداسين. ھن چيو ته پ پ وارا هونئن به چون ٿا جيل انهن جو ٽريننگ سينٽر آهي، الله انهن کي نصيب ڪندو، مڪاني چونڊن ۾ شڪست واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن طئي ڪندي ڇاڪاڻ ته اڃا پشاور ۾ چونڊون مڪمل نه ٿيون آهن. مهانگائي ڪورونا سبب ٿي عمران خان تي ڪنهن جي قتل يا ڪرپشن جو ڪيس داخل ٿيل ناهي اڃا ڏيڍ سال آهي ان دوران عوام کي رليف فراهم ڪيو ويندو.