لاس اينجلس(شوبز نيوز) عالمي شهرت يافته هالي ووڊ اداڪارا اينجلينا جولي به سوشل ميڊيا تي فلسطينين جي حق ۾ هڪ پوسٽ شيئر ڪئي. اينجلينا جولي پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي ڊاڪٽرز ود آئوٽ بارڊرز جي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته غزه فلسطينين ۽ انهن جي مدد ڪندڙن لاءِ اجتماعي قبر بڻجي چڪو آهي. پوسٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فوج غزه جي پٽي تي هوائي، زميني ۽ بحري حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن، ۽ نه رڳو فلسطيني عوام کي زبردستي بي گھر ڪيو پيو وڃي، پر امداد کي به ڄاڻي واڻي روڪيو پيو وڃي، اهڙي طرح هڪ ڀيرو ٻيهر منظم طريقي سان فلسطينين جي زندگين کي تباهه ڪيو پيو وڃي. اداڪاره جي پوسٽ کان پوءِ، انتها پسند يهودي گهري ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن. اينجلينا جولي 20 سالن تائين گڏيل قومن جي پناهگيرن لاءِ هاءِ ڪمشنر (يو اين ايڇ سي آر) جي خير سگالي سفير ۽ خاص نمائندي رهي آهي ۽ ماضي ۾ غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي خلاف پڻ آواز اٿاري چڪي آهي. ياد رهي ته 7 آڪٽوبر 2023 کان غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۾ 51 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ اڪثريت عورتون ۽ ٻار آهن. بين الاقوامي فوجداري عدالت نومبر 2024 ۾ اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو ۽ اڳوڻي دفاع وزير يوو گيلانٽ خلاف غزه ۾ جنگي ڏوهن ۽ انسانيت خلاف ڏوهن جي الزامن ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا. ان کان علاوه، اسرائيل کي بين الاقوامي عدالت انصاف ۾ نسل ڪشي جي ڪيس کي به منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.