ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص کي پاڻي مھيا ڪندڙ نارا ڪئنال جي پڇڙي واري ڪمانڊ ايريا ۾ لاڳيتو پاڻي جي کوٽ ۽ خريف جا فصل پوکجي نھ سگھڻ تي ٽيل آبادگارن ويلفيئر ايسوسيئيشن جا اڳواڻ ۽ مقامي آبادگار ميرپورخاص ۾ ڊائريڪٽر نارا ڪئنال جي آفيس پھتا جتي ھنن ڊائريڪٽر نارا ڪئنال اشفاق نوح ميمڻ ۽ لاڳاپيل واھن جي انجنيئرز سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پروفيسر يوسف، زاھد نون، مير اعجاز ٽالپر، قاضي ڪرم الله ۽ ارباب انور پڇڙي ۾ پاڻي نھ پھچڻ بابت سخت موقف رکيو ۽ چيو ته واھن ۾ گھربل پاڻي موجود آھي پر اھو پاڻي يا ته چوري ٿي وڃي ٿو يا وري آبپاشي جا عملدارن اھو پاڻي وڪرو ڪري ڇڏين ٿا، جنھن سبب شاخن جي پڇڙي ۾ پاڻي نٿو پھچي. آبادگارن چيو ته جڏھن نارا ڪئنال ۾ پاڻي موجود آھي ته آخر ان پاڻي جي منصفاڻي ورھاست ڇو نھ ٿي ڪئي وڃي. آبادگارن موجب ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ايريا واٽر بورڊ آبادگارن کي خاطري ڪرائي ته ھو جيڪڏھن پاڻيءَ جي منصفاڻي ورھاست نھ ڪري سگھيو ته پنھنجي عھدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو. آبادگارن موجب ڊائريڪٽر نارا ڪئنال آبادگارن کي يقين ڏياريو آھي ته پاڻي جي وارابندي ٽن ھفتن مان گھٽائي ھڪ ھفتي جي ڪئي ويندي.