جوهانسبرگ (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪي فاسٽ ڪگيسو ربادا کي منشيات جي استعمال تي ٽن مهينن جي سزا ڏني وئي هئي، جيڪا هاڻ گهٽائي هڪ مهيني تائين ڪندي کيس ٻيهر راند لاءِ اهل قرار ڏنو ويو آهي. ڏکڻ آفريقا جي انسٽيٽيوٽ فار ڊرگ فري اسپورٽس ( ايس اي آءِ ڊي ايس ) طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ربادا هلندڙ سال 21 جنوري تي ايس اي ٽي ٽوئنٽي ليگ جي ميچ، ايم آءِ ڪيپ ٽائون ۽ ڊربن سپر جائنٽس جي وچ ۾ ميچ دوران فاسٽ بالر جي ڊوپنگ ٽيسٽ ۾ مثبت آئي هئي. ٽيسٽ جي جنهن جي نتيجي ۾ کيس پهرين اپريل تي آگاهه ڪيو ويو، ان دوران هو ڀارت ۾ آءِ پي ايل جي فرنچائز گجرات ٽائيٽنس طرفان ٽورنامينٽ کيڏڻ ۾ مصروف هو. رپورٽ موجب، ٽي اپريل تي سندس فرنچائز گجرات ٽائيٽنز اعلان ڪيو ته ربادا ذاتي مسئلن سبب ڏکڻ آفريقا واپس هليو ويو آهي، ٽورنامينٽ دوران هو رڳو ٻه ميچون کيڏي سگهيو هو. ايس اي آءِ ڊي ايس موجب، ربادا تعليمي ۽ شعور بابت جاڳرتا پروگرام ۾ حصو ورتو، جنهن کانپوءِ کيس ٻيهر راند جي اجازت ملي وئي آهي ۽ امڪان آهي ته هو اڱاري تي ممبئي خلاف ميچ ۾ گجرات ٽائيٽنز طرفان ايڪشن ۾ نظر ايندو. واضح رهي ته اِها مطلي ورلڊ اينٽي ڊوپنگ اينسي ( ڊبليو اي ڊي اي ) جي هدايتن تحت ٿي، جيڪا تفريحي منشيات، مثال طور ڪينابس، ڪوڪين، ميٿايمفيٽامين يا ڊائيمورفين جي استعمال تي لاڳو ٿيندي آهي. اهڙي ريت نيوزيلينڊ جي ڊي بريسويل کي به گذريل سال ڪوڪين جي استعمال سبب ملي هئي.