حيدرآباد(رپورٽ: عظمت الله ڪنڀر) مٽياري ڀرسان منشيات پڪڙڻ تان پوليس ۽ ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس کاتي ۾ جهيڙو ٿي پيو، پوليس ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي سرڪل آفيسر کي گرفتار ڪري 5 ڪلاڪ لاڪپ ۾ تشدد جو نشانو بڻايو آهي، جڏهن ته ڊائريڪٽر نارڪوٽڪس پوليس عملدارن خلاف ڪارروائي لاءِ آءِ جي کي شڪايت ڪرڻ جو خط لکيو ويو آهي،  سنڌ ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ ۽ سنڌ پوليس ۾ منشيات پڪڙڻ ۽ ڪم جي طريقيڪار تي اختلافات تيز ٿي ويا آهن،  15 فيبروري تي انچارج ايڪسائيز سرڪل هالا جاويد احمد ميمڻ کي سعيدآباد پوليس جي مبينا بدسلوڪي ۽ حراست ۾ وٺڻ جي معاملي تي ٻنهي ادارن ۾ تڪرار وڌي ويو آهي، ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر نارڪوٽڪس ڪنٽرول حيدرآباد محمد علي بلوچ، ايس ايچ او ۽ ڊي ايس پي سعيدآباد خلاف ڪارروائي لاءِ اعليٰ اختيارين کي خط لکي لکي ڇڏيو آهي، خط موجب، انسپيڪٽر جاويد ميمڻ، انچارج نارڪوٽڪس ڪنٽرول کي  مٽياري ضلعي پوليس مبينا طور تي کيس حراست ۾ ورتو ۽ پنج ڪلاڪ تشدد جو نشانو بڻائي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڊيوٽي ڪرڻ جي صورت ۾ سنگين نتيجن کي منهن ڏيڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، ٻئي طرف نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي ذريعن موجب، بکر جمالي روڊ سعيدآباد ۾ آئس ۽ هيروئن اسمگلنگ بابت تصديق ٿيل رپورٽ تي ٽيم سرڪاري ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهي هئي ته ضلعي پوليس کيس حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

جاويد ميمڻ نجي ماڻهن سان ناڪابندي ڪئي: ايس ايس پي مٽياري

حيدرآباد: رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي مٽياري فيصل ميمڻ ٻڌايو ته پوليس سرڪاري ڪم ۾ مداخلت نه ڪئي آهي. 15 فيبروري تي جاويد ميمڻ سرڪاري وردي ۾ نجي ماڻهن سان گڏ سعيدآباد جي حدن ۾ ناڪابندي ڪري گاڏين جي غير قانوني چيڪنگ ۾ مصروف هو، جنهن جي خبر ان جي ئي محڪمي جي هڪ ٻئي انسپيڪٽر طرفان پوليس کي ڏني وئي. ان اطلاع تي ڊي ايس پي ۽ ايس ايچ او انهن ماڻهن کي ٿاڻي تي وٺي آيا. نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي ڊائريڪٽر محمد علي بلوچ جي ذاتي گذارش تي انهن سڀني کي وارننگ ڏئي آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي جو اندراج ٿاڻي جي روزنامچي ۾ ڪيو ويو هو.

ڊي ايس پي ۽ ايس ايچ او منشيات فروشن سان رابطي ۾ هئا: اي اين ايف

حيدرآباد: نارڪوٽڪس ڪنٽرول ذريعن جي دعويٰ آهي ته ڊي ايس پي سعيدآباد منظور لاکو ۽ ايس ايچ او سعيدآباد شاهه زمان چانڊيو منشيات وڪرو ڪندڙن سان رابطي ۾ هئا ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن کي محفوظ رستو ڏيڻ لاءِ نارڪوٽڪس ڪنٽرول ٽيم کي حراست ۾ ورتو ويو، نارڪوٽڪس ڪنٽرول ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هن واقعي پوليس جي بدعنواني ۽ انسداد منشيات جي ڪارروائين ۾ مداخلت بابت سنگين خدشن کي جنم ڏنو آهي،  ڊائريڪٽر نارڪوٽڪس ڪنٽرول محمد علي بلوچ ڊائريڪٽر جنرل نارڪوٽڪس ڪنٽرول کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملو آءِ جي سنڌ جي سامهون اٿاريو وڃي ۽ پوليس پارٽي خلاف اينٽي ڪرپشن قانون تحت ڪارروائي لاءِ چيئرمين اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سان رابطو ڪيو وڃي.