ھالا (ن پ ا) ايڪشن ڪميٽي ضلعي مٽياري جي سڏ تي منشيات جي روڪٿام لاءِ سماجي ڪارڪن ۽ ڳوٺاڻن پاران ريلي جي صورت ۾ ميڙ منٿ قافلو وٺي دڪاندارن ۽ چڱن مڙسن کي منشيات وڪري خلاف مدد جي اپيل ڪئي، اڳواڻن پاران احتجاج ڪري نعري بازي پڻ ڪئي وئي. اڳواڻن يونين ڪائونسل ڪرم خان نظاماڻي ۽ يونين ڪائونسل اجن شاھ جي مختلف ڳوٺن ۾ وڃي دڪاندارن ۽ ڳوٺاڻن کي ٻانهون ٻڌي منشيات جو وڪرو بند ڪرڻ لاءِ گزارش ڪئي، احتجاج ڪندڙ بهار علي سهتو، ظفر پنهور، سلمان علي لغاري، اعجاز شيدي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ضلعي ۾ منشيات سرعام وڪرو ٿي رهي آهي، شڪايتن باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي، منشيات واپرائڻ سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، نوٽيس وٺي منشيات وڪرو بند ڪرائي وڃي.