قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ سول سوسائٽي طرفان منشيات جي وڪري، جوا جي اڏن سميت سماجي براين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن  الطاف بروهي، اياز ميرجت،محمود شيخ عرفان گوپانگ ۽ ٻين چيو ته شهر قمبر جي اڪثر محلن، گهٽين ۽ چوڪن تي آئيس،هيروئن،شراب ۽ ٻئي منشيات بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ يا ڊپ جي وڪرو ٿي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري شهر ۾ هلندڙ منشيات جا اڏا بند ڪريا وڃن.