باڊھه(ن پ ا) باڊھه ۾ منشيات جي وڪري خلاف ايس ٽي پي جي ڪارڪنن طرفان عالم بروھي اصغر نوناري، منور نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته شهر ۾ ھر قسم جي منشيات آئيس، ھيروئين ، چرس، نشي آور سوپاريون بااثر منشيات فروش سرعام وڪرو ڪري رهيا آھن، منشيات جي واهپي سبب ھن وقت تائين ڪيترائي نوجوان پنھنجون حياتيون وڃائي چڪا آھن،ھنن الزام ھنيو ته ان ڪڌي ڪم جي ڪاروبار ۾ باڊھه پوليس به ملوث آھي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.