ڳڙهي خيرو(ن پ ا) اوستا محمد شهر ۾ منشيات وڪري خلاف نوجوان اتحاد ۽ شھرين طرفان ريلي ڪڍي  گھنٽا گھر وٽ ڌرڻو ھنيو ويو، ان حوالي سان حفيظ الرحمان چھواڻ، عنايت عمراڻي، احسان ڪريم ۽ ٻين چيو ته اوستا محمد شھر منشيات جو ڳڙھ بڻجي ويو آھي، شھر جي مختلف علائقن ۾ سر عام منشيات جو وڪرو ٿي رهي آهي، جنھن سبب نوجوان نسل نشي جو عادي بڻجي ويو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي منشيات وڪرو بند ڪرائي وڃي.