ٽنڊو محمد خان :  ڊي آءِ جي حيدرآباد سيد پير محمد شاهه ٽنڊومحمد خان سٽي ٿاڻي جي معطل ٿيل ايس ايچ او ظهور نوناري کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کائنس پڇاڻو ڪيو ويو آهي ته ٽنڊو محمد خان سٽي جي حدن ۾ هلندڙ مين پڙي ۽ گهٽڪي جو ڪاروبار ڪندڙن اقبال غوري، لال فرحان ٻرڙو، عارف دستي، نديم گدي خلاف اوهان هيل تائين ڪاروائي ڇو عمل هيٺ نه آندي آهي. جنهن جو جواب ڏنو وڃي.  ٻئي پاسي مين پڙي گٽڪي جي ڪارخاني تي لڳندڙ ڇاپي کانپوءِ معطل ٿي ويل ڊي ايس پي سٽي عارف انور سولنگي جي جڳهه تي نئون مقرر ڪيل ڊي ايس پي سٽي محمد خان زئور اڄ چارج سنڀاليندو. ٻي پاسي ڪيتري عرصي کان مقرري ۾ ويٺل ايس ايڇ او منظور شورو کي ضلعي هيڊڪوارٽر جي سٽي ٿاڻي تي نئون ايس ايڇ او مقرر  ڪيو ويو آهي . جڏهن ته جنهن ٿاڻي جي حد ۾ مين پڙي ۽ گٽڪي جو وڏو ڪارخانو هلندڙ هو جنهن تي پوليس پاران ڇاپو هنيو ويو. ان تي پڻ پوليس لائين انتظار ۾ ويٺل ڪاشف حسين خواجه جي مقرري عمل هيٺ آندي وئي آهي. هوڏانهن گذريل ڏينهن اها افواه گردش ڪندا رهيا ته ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان عبدالله ميمڻ کي هٽايو پيو وڃي پر هو اڃان تائين پنهنجي سيٽ تي برقرار آهي. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ اڳ ۾ رهندڙ ايس ايس پي جيڪي بدلي ٿي چڪا آهن اهي پڻ حڪمران جماعت جي ماڻهن جي بنگلن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن ته ايس ايس پي جي ٻيهر ذميواري ڏني وڃي پر مليل ڄاڻ موجب ايس ايس پي عبدالله ميمڻ جو هيل تائين پاس ڳرو آهي.