ڏيپلو(ن پ ا)ڏيپلو شھر ۾ سرعام هلندڙ منشيات خلاف مسلسل شھرين جي جدوجهد جاري،اڄ پريس ڪلب کان ﷲ چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي بند ڪيو بند ڪيو منشيات بند ڪيو،  منشيات فروشن تي لعنت جا نعرا ھنيا ويا. احتجاجي ريلي عبداللطيف سميجو ،حاجي ابراهيم لنڊ، مفتي فياض احمد ،حافظ عبدالسلام کٽي ، مولانا عباس ڪلر ، مولوي عبدالهادي جوڻيجو ، مولوي عبدالرحمان اوٺو جي اڳواڻي ۾ سوين شھرين ۽ اسڪولي شاگردن سميت معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري منشيات خلاف جھاد جو حصو ٿيا. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته جيستائين اسان جا ايم اين اي ۽ ايم پي اي يا سياسي نمائندا نه چاھيندا تيستائين منشيات بند نه ٿيندي اسان انهن کي چئون ٿا ته منشيات بند ڪرائي انسانن جي زندگيون تباه ٿيڻ کان بچايو، ھنن وڌيڪ چيو ته اسان ھن احتجاجي ريلي ۾ بالا آفيسر ايس ايس پي ٿرپارڪر، ڊي ايس پي کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا منشيات نوجوان نسل جون زندگيون تباھ ڪري ڇڏيون آھن. جنهن کي بند ڪيو وڃي.