ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي)سنڌ ۾ گٽڪا، ماوا، منشيات سميت غيرقانوني ڪمن جي سرپرستي ڪندڙ 15 ايس ايچ اوز سميت 51 انسپيڪٽر، سب انسپيڪٽر، جمعدار ۽ سپاهي معطل، کين گارڊن هيڊڪوارٽر ۾ قائم بليڪ ڪمپني حوالي ڪيو ويو، ان ڏس ۾ ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب معطل ڪيلن ۾ ڪراچي رينج جا ايس ايچ او سرجاڻي ٽائون غلام حسين پيرزادو، ايس ايچ او رضويه وقاص قيصر، انسپيڪٽر فدا مروت،انسپيڪٽر عامر رفيق، اي ايس آءِ عبدالساجد، هيڊ ڪانسٽيبل سهراب خان، شاھه رخ ۽ ڪانسٽيبل عبدالواجد شامل آهن. اهڙي ريت لاڙڪاڻي رينج ۾ ڊي ايس پي آفيس وارهه ۾ مقرر انسپيڪٽر مزمل سومرو، ايس ايچ لاڙڪاڻو عبدالغفور ڇٽو، ڪانسٽيبل اورنگزيب جتوئي، سب انسپيڪٽر مزار خان، ڪانسٽيبل عبدالعزيز سائنچ ۽ محمد خان چنا کي به معطل ڪيو ويو، سکر رينج مان مٽياري بدلي ٿي آيل انسپيڪٽر اسدالله پرهياڙ، صالح پٽ مان بدلي ٿي پني عاقل آيل ايس ايچ او علاءَ الدين ڦلپوٽو، اوٻاوڙي مان بدلي ٿي آيل ايس ايچ او پير ڳوٺ گل محمد مهر، اڳوڻو ايس ايچ او اي سيڪشن سکر ابراهيم سومرو، ايس ايچ او ٻٻرلوءِ شوڪت آرائين کي به معطل ڪيو ويو. اهڙي طرح پنو عاقل، سکر، گهوٽڪي، خيرپور جي ٿاڻن ۾ مقرر هيڊ ڪانسٽيبلز جاويد جتوئي، غلام مرتضي منگي، عابد گولو، گل گبول، محمد رفيق، يوسف ناريجو، ڪانسٽيبلز شبير لانگاهه، نادر گهنيو، نبي داد منگي، نويد ممتاز ڀٽو، راز علي شيخ، سليم قريشي، رجب گهمرو ۽ امير ڏاهري کي معطل ڪيو ويو نوٽيفيڪشن موجب ميرپورخاص رينج ۾ ايس ايچ او ڊگهڙي سليم سمون، ايس ايچ او ڪوٽ غلام محمد حق نواز جوڻيجو، اڳوڻو ايس ايچ او ڦلهڏيون عبدالرزاق جمالي، اڳوڻو ايس ايچ او مهراڻ غلام حسين ڀٽي، ايس ايچ او دلبر مهر سنجي ڪمار، پوليس اھلڪار مير جمن، بابو ڀيل، امام الدين، شبير زمان، ديوو مل، الھ بچايو، غلام فريد شاھاڻي، يوسف، بشير ٻٻر، طارق عزيز اي ايس آ شاڪر عرف وڪي ۽ عبدالرحمان چانڊيو کي پڻ معطل ڪيو ويو. نوٽيفيڪشن موجب اڳوڻو ايس ايچ او ٽنڊو ڄام محمد اسلم کي به معطل ڪري بليڪ ڪمپني ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي