ڪنري/سامارو(نمائندن وٽان) عمرڪوٽ جي اين اي 213 تي تحريڪ لبيڪ جي اميدوار پير عمر جان سرھندي پاران ضلعي عمرڪوٽ ۾ وڌندڙ منشيات خاص طور تي آئس خلاف نڪتل ريلي ڪنري پھتي، شادي پلي کان نڪتل ريلي سامارو کان ٿيندي ڪنري جي مک آمريڪن چوڪ پھتي جتي پير عمر جان سرھندي جي اڳواڻي ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڪارڪنن منشيات وڪري خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، ريلي کي خطاب ڪندي پير عمر جان سرھندي چيو ته اليڪشن جي ايتري ڳڻتي ناھي جيتري منشيات جي بي پناهه واڌ تي آھي، آئس اسان جي نوجوان نسل کي تباهه ڪري ڇڏيو آھي، سرڪار فوري طورمنشايت فروشن خلاف ڪارروائي ڪري نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ لبيڪ دريا مان نڪرندڙ غيرقانوني ڪئنالن کي رد ڪري چڪي آھي، حڪمرانن فيصلو واپس ورتو ته دمادم مست قلندر ٿيندو.