حيدرآباد (بيورو رپورٽ) صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ ۽ ايڪسائيز ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽيڪس ڪنٽرول شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته نوجوان نسل کي منشيات جي لعنت کان پري رکڻ لاءِ منشيات جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻا پوندا. منشيات جي روڪٿام لاءِ سٺي ساک رکندڙ عملدارن جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس جوڙيو وڃي. منشيات جي حوالي سان شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن جي صدارت شرجيل انعام ميمڻ ڪئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ، سيڪريٽري ايڪسائيز ٽيڪسيشن سليم احمد راجپوت، ڊي جي نارڪوٽيڪس وحيد شيخ، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر طارق قريشي، ايس ايس پي امجد شيخ ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار موجود هئا. شهباز هال ۾ ٿيل اجلاس دوران شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تعليمي ادارن ۾ آئيس سميت ٻي منشيات جي وڌندڙ رجحان تي کيس ڳڻتي آهي ان ڪري منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف سيڪريٽري ايڪسائيز ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج گڏجي ڪارروايون ڪن ۽ ڪاررواين بابت سيڪريٽري انفارميشن کي آگاهي ڏني وڃي. هن سيڪريٽري اطلاعات کي هدايت ڪئي ته ڪجهه ڏينهن دوران منشيات جي وڪري ۽ واهپي خلاف اشتهار شايع ڪرايا وڃن