سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ منشيات جي آزار خلاف ماڊرن اسڪول کان ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ سول سوسائٽي، وڪيلن، سرڪاري ادارن جي عملدارن توڙي اسڪولي ٻارڙن وڏيانگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ايڊووڪيٽ شفيع بخاري، زبير مهر، عذرهه جمال، ايڊووڪيٽ سرتاج شر ۽ ٻين چيو ته منشيات جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪندڙ  پوليس، اينٽي نارڪوٽيڪس فورس، ايڪسائيز سميت لاڳاپيل کاتن جي ناڪامي، عدم دلچسپي ۽ لاپرواهيءَ سبب سکر جي گهٽين، چوڪن، محلن ۾ سري عام منشيات وڪرو ٿي رهي آهي، هنن چيو ته آئيس، هيروئن ۽ چرس سميت منشيات جي آساني سان سکر ۾ خريد فروخت ڪئي پئي وڃي، تعليمي ادارن اندر منشيات جو پهچڻ انتهائي خطرناڪ ۽ ڳڻتيءَ جوڳو عمل آهي، هنن چيو ته منشيات جو ڪاروبار ڪندڙ اسان جي مستقبل کي تباهه ڪري رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته غيرقانوني ڪاروبار ڪندڙن کي سوگهو ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.