مندر لاءِ رستو ڏيو: سجاول ۾ هندو برادري ۾ ڇڪتاڻ: پنچائت اڳواڻن پاران عورت جي مبينا تذليل

0
27
سجاول ۾ هندو برادري ۾ تڪرار: وزيرن ۽ مشيرن جي پنچائت ۽ متاثرن سان ملاقات: اڱاري تي فيصلو
سجاول ۾ هندو برادري ۾ تڪرار: وزيرن ۽ مشيرن جي پنچائت ۽ متاثرن سان ملاقات: اڱاري تي فيصلو

سجاول(رپورٽر) سجاول ۾ ھندو پنچائت ۽ مندر ڀرسان رهندڙن تڪرار تيز ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ گذريل ڏينھن مندر جي واڌاري لاءِ ديوار ڊاهڻ دوران، مندر جي ٻئي پلاٽ تي ٺهيل گهر جي رهواسي عورتون پهچي ويون. عورتن پاران مندر جي ديوار ڊاهڻ کان روڪڻ دوران، ھندو عورت لاجونتيء کي زوريءَ گھلي تذليل ڪري ڪڍڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.  ان ڏس ۾ ڄاڻايل گهر ۾ رهندڙ عورتن جو چوڻ آهي ته اسين هتي 60 سالن کان رهندڙ آهيون ۽ پنچائت وارا اسان تي ظلم ڪري رهيا آهن. اسان جي گهر مان مندر جو رستو ڪڍڻ لاءِ اسان کي تنگ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته مندر جو ٻئي پاسي کان رستو موجود آهي. انھن چيو ته پنچائت جي بار بار اسان سان زيادتين بعد ڪجھ مھينا اڳ ڪمشنر حيدرآباد فيصلو ھو ته ڄاڻايل گھٽي اسان ۽ اسان جا سوٽ استعمال ڪنداسين پوءِ پنچائت ان گھٽي ۽ اسان جي گھر مان مندر جو رستو ڪڍڻ تي بضد آھن. انھن چيو ته مندر جي ديوار ٽوڙي اسان جي گھر مان رستو ڪڍڻ کان روڪڻ تي اسان جي تذليل ڪئي وئي آھي جنھن جو نوٽس وٺي انصاف ڪيو وڃي.  ڇڪتاڻ دوران گهر ۾ رهندڙ خاندان جي عورتن جو چوڻ آهي ته اسين هتي 60 سالن کان رهندڙ آهيون ۽ پنچائت وارا اسان تي ظلم ڪري رهيا آهن. اسان جي گهر مان مندر جو رستو ڪڍڻ لاءِ اسان کي تنگ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته مندر جو ٻئي پاسي کان رستو موجود آهي. هنن وڌيڪ چيو ته انتظاميا جو فيصلو آهي ته گھٽي اسان جي هوندي. ٻئي پاسي هندو پنچائت جي اڳواڻن ڊاڪٽر هوت چند ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته هندستان ۽ پاڪستان جي ورهاڱي جي وقت، مندر جي ڌرم شالا ۾ ٺهيل گهر انسانيت جي بنياد تي هن خاندان کي ڏنا ويا هئا، پر هنن اهو گهر ۽ پلاٽ وڪڻي ڇڏيو ۽ ٻئي پلاٽ تي قبضو ڪري ورتو. هاڻي ٽئين پلاٽ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اسان کي مندر جي واڌاري کان روڪي رهيا آهن.

لاجونتي پنچائت اڳواڻن کي منٿون ڪندي پيرن تي ڪري پئي، مايوس ٿي پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش

سجاول: هندو فيملي سا تعلق رکندڙ متاثر عورت لاجونتي جي هڪ ٻي وڊيو سوشل ميڊيا تي ڊيو  وائرل ٿي آهي، جنهن ۾  متاثر عورت لاجونتي مندر ۾ وڃي هندو ڪميونٽي جي اڳواڻن جي پيرن تي هٿ رکندي منٿون ڪندي نظر اچي، متاثر عورت هندو اڳواڻن کي پيرن تي هٿ رکي تي منٿون ڪرڻ کان پو۽ مجبور ٿي پاڻ تي پئٽرول هاري پاڻ کي باهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.  هندو عورت لاجونتي کان سندس نياڻي زبردستي ماچيس وٺي ٿي باهي ڏيڻ کان بچائي وٺي ٿي.

عورت ڊرامو  پئي ڪري: ايس ايچ او جاچ کان اڳ ئي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

سجاول: ايس ايچ او سجاول معاملي جي جاچ ڪري ڪنهن نتيجي تي پهچڻ کان اڳ ئي فيصلو ٻڌائيندي متاثر عورت کي ڊرامي بازقرار ڏئي ڇڏيو. ان ڏس ۾ ايس ايچ او سجاول اڪبر چنا رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ھندو پنچائت پاران پنھنجي مندر جي ڀيٽ ڊاٿي وئي آھي جنھن تان اسان کين روڪي نه ٿا سگھون. متاثر عورت ڊراما ڪري رھي آھي.

ٻن ورهين کان هلندڙ تڪرار نبيرڻ بنا ئي پنچائت ڪم شروع ڪرايو

سجاول: هندو محلا ۾ پلاٽ جي مالڪي ۽ مندر جي لنگه وارو مامرو گذريل ٻن سالن کان هلندڙ هندو  برادري مسئلو حل نه ڪري سگهي ويتر مسئلو وڌي ويو ڪله ڏينهن جو هندو پنجائت جي صدر ڊاڪٽر هوت چند جي اڳواڻي ۾ مندر جو ڪم شروع ڪرايو ويو ته هندو برداري جي عورت لاجونتي مندر ۾ وڃي پنجائت کي روڪيو ته اها ڀِت توهان مندر واري سائيڊ وٽان ڀلي ڪڍايو اسان جي گيٽ وٽان اسان ديوار ڪڍڻ نه ڏينداسين جنهن کان پو۽ عورت کي مبينا ڌڪا ڏئي تذليل ڪري ڪري مندر مان ڪڍيو ويو.  عورت لاجونتي ميڊيا اڳيان دانهندي چيو ته اسان تي هندو پنجائت گذريل ٻن سالن کان ظلم ڪري رهي آهي اسان اهڙي شڪايت ايس ايس پي سجاول ڊي سي سجاول ۽ ڪمشنر حيدرآباد کي پڻ ڏني ڪمشنر حيدرآباد جائي واردات تي پهچي جڳه جو معانو ڪيو ۽ انتظاميه کي هدايت ڪئي ته جلد مسئلو حل ڪرايو وڃي هوڏانهن هندو پنجائت جي صدر ڊاڪٽر هوت چند ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي موقف اختيار ڪيو ته اسان گهر جي پلاٽ جو نالو به نٿا وٺون عورت غلط بياني ڪري ٿي. عورت مندر ۾ سريو کڻي آئي جنهن اسان جي ڪميونٽي جي ماڻهن تي حملو ڪيو ۽ زخمي ڪيو. هندو پنچائت صدر جي اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر هئي ته هڪ عورت مردن تي ڪيئن ٿي حملو ڪري سگهي ٿي؟  هندو پنچائت اڳواڻ جي موقف ڪيترائي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن پر تنهن باوجود ضلعي انتظاميه توڙي پوليس به خاموش تماشائي بڻيل آهي.