لاهور(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ۽ پاڪستان جي پهرين ون ڊي ميچ جي هيرو ٽريوس هيڊ آن لائن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته منجهند وقت بيٽنگ هئي ان لاءِ سٺو پليٽ فارم بڻيو، نئين بال سان بيٽنگ ڪرڻ آسان هو، مون کي موقعو مليو ۽ مان ان مطابق کيڏيو. آسٽريلوي بيٽر چيو ته اسان کي اندازو هو ته ماٽ سبب ڏکيائي پيش اچي سگهي ٿي، پليٽ فارم سٺو مليو ته مڊل آرڊرن به پنهنجو حصو وڌو ۽ ڪاميابي ملي.