ورڪشاپ (ن پ ا) پ پ اڳواڻ شازيا عطا مري چيو آهي ته پاڪستان 1947 ۾ آزاد ٿيو پر سانگهڙ کي پ پ آزاد ڪرايو آهي، ورڪشاپ ۾ ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته بينظير جي شهادت وقت پاڪستان نه کپي جا نعرا لڳا ان وقت اسان جي ليڊر  آصف زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، اسان پاڪستان خاطر پنهنجي جان ڏيڻ کان نه ڪٻائينداسين، هن چيو ته اسان اڇڙي ٿر ۾ پاڻي پھچايو، سياسي مخالف جيڪي اڇڙو ٿر صرف شڪار ڪرڻ ويندا ھئا، اڇڙو ٿر واسين کي غلام سمجھندا ھئا، اسان اتي سهولتون ڏنيون، ڪارنر گڏجاڻي کي پي ايس 40  جي اميدوار نويد ڏيرو به خطاب ڪيو.