اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ 2023ع ۾ ٿيندڙ مردمشماري مطابق پاڪستان ۾ ڳالهايون ويندڙ مادري ٻولين ۽ عمر جي گروپن جي لحاظ کان آبادي جا تفصيل پيش ڪري ڇڏيا. منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال سينيٽ کي ٻڌايو آهي ته پاڪستان جي 9.25 سيڪڙو آبادي جي مادري ٻولي اردو آهي، جڏهن ته 36.98 سيڪڙو آبادي جي مادري ٻولي پنجابي آهي. 18.15 سيڪڙو آبادي جي مادري ٻولي پشتو، سنڌي 14.31 سيڪڙو، سرائڪي 12 سيڪڙو ۽ 3.38 سيڪڙو آبادي جي مادري ٻولي بلوچي آهي. پاڪستان جي ڪل آبادي ۾ 2.32 سيڪڙو هندڪو، 1.16 سيڪڙو براهوي، 0.46 سيڪڙو ميواتي، 0.43 سيڪڙو ڪوهستاني، 0.11 سيڪڙو ڪشميري، 0.05 سيڪڙو شينا، 0.02 سيڪڙو بلتي مادري ٻولي ڳالهائي ويندي آهي. لکت واري جواب ۾ وفاقي وزير چيو آهي ته پاڪستان ۾ مادري ٻولي اردو ڳالهائيندڙن جو انگ 22 ڪروڙ 24 لک 9 هزار 307، پنجابي 8 ڪروڙ 89 لک 15 هزار 544، پشتو ڳالهائيندڙ 4 ڪروڙ 36 لک 33 هزار 946، سنڌي ڳالهائيندڙ 3 ڪروڙ 44 لک 1 هزار 556، بلوچي ڳالهائيندڙ 81 لک 17 هزار 795، سرائيڪي ڳالهائيندڙ 2 ڪروڙ 89 هزار 459. هندڪو 55 لک 90 هزار 559، براهوي 27 لک 78 هزار 670، ڪوهستاني 10 لک 39 هزار 7 ۽ ڪشميري 2 لک 74 هزار مادري ٻولي ڳالهائيندڙ رهن ٿا. وفاقي وزير احسن اقبال موجب پاڪستان جي ڪل آبادي 24 ڪروڙ 5 لک 58 هزار 89 آهي، جنهن ۾ هڪ سال کان گهٽ عمر جي آبادي 2.16 سيڪڙو، پنجن سالن کان گهٽ عمر جي آبادي 15.17 سيڪڙو، 10 سالن کان گهٽ عمر جي آبادي 28.59 سيڪڙو آهي، ۽ 15 سالن کان گهٽ عمر جي ڪل آبادي 40.56 سيڪڙو آهي جڏهن ته پنجن کان 24 سالن جي ڪل آبادي 43.95 سيڪڙو آهي، 15 کان 49 سالن جي آبادي 47.81 سيڪڙو، 15 کان 64 ورهين تائين جي آبادي 55.89 سيڪڙو، ۽ 18 کان 60 سالن جي آبادي 48.12 سيڪڙو آهي.