اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ سوين غير قانوني تعليمي ادارن جي موجود هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. تعليم واري وفاقي وزارت غير قانوني تعليمي ادارن جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪري ڇڏيا. پيش ڪيل تفصيلن ۾ تعليم واري وفاقي وزارت جو چوڻ آهي ته غير قانوني تعليمي ادارن بابت رپورٽ ايچ اي سي پاران تيار ڪئي وئي آهي. ملڪ ۾ 145 غير قانوني تعليمي ادارا موجود آهن. پنجاب ۾ 94، سنڌ ۾ 34، خيبرپختونخوا ۾ 11، آزاد ڪشمير ۽ اسلام آباد ۾ 2، 2 غيرقانوني تعليمي اديارا موجود آهن. تعليمي واري وفاقي وزارت چيو آهي ته غير قانوني تعليمي ادارا ايچ اي سي جي معيار تي پورا نٿا لهن. غيرقانوني تعليمي ادارن کي قانوني نوٽيس اماڻيا ويا آهن. داخلائن تي پابندي لڳائي وئي آهي. جڏهن ته غيرقانوني تعليمي ادارن کي بند ڪرڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن. ايڇ اي سي غيرقانوني تعليمي ادارن جا تفصيل ويبسائيٽ تي به جاري ڪري ڇڏيا آهن.