اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ گڏهن جي انگ ۾ وڌيڪ واڌ ٿي وئي. شماريات کاتي جي دستاويز موجب ملڪ ۾ هڪ سال دوران گڏهن جي انگ ۾ وڌيڪ هڪ لک 9 هزار جو واڌارو ٿيو، جنهن کان پوءِ گڏهن جو ڪل انگ 59 لک 38 هزار مان وڌي 60 لک 47 هزار ٿي ويو آهي. دستاويز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ سال ۾ مينهن جي انگ ۾ 13 لک 78 هزار جو اضافو ٿيو، جنهن کان پوءِ انهن جو انگ 4 ڪروڙ 63 لک 10 هزار مان وڌي 4 ڪروڙ 76 لک 88 هزار ٿي ويو. دستاويز موجب هڪ سال ۾ رڍن جي انگ ۾ 3 لک 88 هزارن جي واڌ ٿي ۽ مجموعي انگ 3 ڪروڙ 27 لک 31 هزار مان وڌي 3 ڪروڙ 31 لک 19 هزار ٿي ويو، جڏهن ته ٻڪرين جي انگ ۾ 23 لک 58 هزار جي واڌ ٿي ۽ ٻڪرين جو مجموعي انگ 8 ڪروڙ 70 لک 35 هزار مان وڌي 8 ڪروڙ 93 لک 93 هزار ٿي ويو. اداري موجب ملڪ ۾ اُٺن جي انگ ۾ 14 هزار جو واڌارو ٿيو، جنهن کان پوءِ اُٺن جو انگ 11 لک 63 هزار مان وڌي 11 لک 77 هزار ٿي ويو. جڏهن ته گهوڙن جي انگ ۾ هڪ هزار ۽ خچرَن جي انگ ۾ 3 هزار جو اضافو ٿيو، جنهن کان پوءِ گهوڙن جو انگ 3 لک 83 هزار ۽ خچرَن جو انگ 2 لک 27 هزار ٿي ويو. دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته هڪ سال ۾ گڏيل طور چوپائي مال جي انگ ۾ 21 لک 71 هزار جو واڌارو ٿيو ۽ ڪل انگ 5 ڪروڙ 75 لک 40 هزار مان وڌي 5 ڪروڙ 97 لک 11 هزار تائين پهچي ويو آهي.