ملڪ ۾ ٻوڏ، سياسي ڌريون پنھنجي مفادن ۾ پوريون

0
83
ڇا صحت کاتو روز اسپتالن مان لاش نڪرڻ جو انتظار پيو ڪري ؟

اسان جي سياسي ڌرين کي شايد ڪا ڳالھھ سمجھھ ۾ نھ ٿي اچي يا اھي ڄاڻي واڻي عوام جي مسئلن کان منھن موڙڻ لاءِ اھڙن اشوز تي بحث ۾ شروع ٿي ويا آھن جن تي عام حالتن ۾ بھ نھ ڳالھائڻ گھرجي جيڪي روٽين جا معاملا ھوندا آھن ۽ پنھنجون قانوني ۽ آئيني گھرجون پوريون ڪري مڪمل ڪيا ويندا آھن ۽ انھن کي تڪراري ئي نھ بنايو ويندو آھي. پر ڇا ڪجي اسان جي ڪجھھ سياسي ڌرين جي ڪوشش آھي تھ ادارن کي متنازعھ ۽ تڪراري بڻائي پنھنجا عارضي  سياسي مفاد حاصل ڪيا وڃن ان سان ڀلي کڻي ملڪ،ادارن يا عوام جي مفادن کي ڇيھو رسي، ھو ان کان بھ نھ ٿا مڙن. اھڙي صورتحال اڄڪلھھ نومبر ۾ ٿيندڙ ھڪ مقرري بابت بحث سبب پيدا ٿي چڪي آھي. ھڪ طرف ذري گھٽ اڌ کان وڌيڪ ملڪ ٻوڏ جي گھير ي ۾ آھي ۽ ٻوڏ متاثر بک ۽ بيمارين ۾ مري رھيا آھن تھ ٻئي طرف سياسي ڌريون پنھنجي جلسن ۾ پوريون آھن، ڀلي جلسا ڪرڻ انھن جو حق ھجي پر موقعي جي نزاڪت کي بھ سمجھڻ گھرجي، جيڪڏھن جلسا ملتوي نھ ٿا ڪيا وڃن تھ نھ ڪرڻ گھرجن پر ملڪ جي اھم ادارن خلاف ڌمڪي واريون يا تڪراري ڳالھيون تھ نھ ڪرڻ گھرجن يا وري ڪنھن اداري جي سربراھھ جي مقرري کي عوام جي بحث جو موضوع بڻائي تڪراري تھ نھ ڪجي،پر اھو سڀ ڪجھھ ھتي ٿي رھيو آھي ۽ ميڊيا کان وٺي ھر عام ماڻھو تائين جيڪو ٻوڏ کان بچيل آھي ٻوڏ متاثرن جي حالتن کي وساري انھي بحث ۾ شروع ٿي ويو آھي جنھن ڪري حڪومت بھ انھي ڏي جواب وٺ جواب ۾ پوري آھي.

اسان جي ملڪ جو اصل مسئلو ئي اھو آھي تھ جيڪو جنھن جو ڪم آھي اھو نھ ڪندو آھي باقي ٻين جي ڪمن ۾ مداخلت کي ھرڪو پنھنجي ذميواري سمجھندو آھي جنھن ڪري نھ ھو پنھنجو ڪم ڪري سگھندو آھي نھ ئي ٻين کي پنھنجو ڪم ڪرڻ ڏيندو آھي جنھن سان مسئلا وڌندا وڃي وڻ ٿيندا آھن. ھن وقت جڏھن اڌ کان وڌيڪ ملڪ ٻوڏ ۾ ٻڏي رھيو آھي تھ ان وقت ۾ حڪومت ۽ سياسي ڌريون پنھنجا سڀ سياسي اختلاف وساري ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ھڪ ٿيڻ گھرجن ھا تھ جيئن ٻين ملڪن ۽ عالمي ادارن کي بھ موجودھ صورتحال کان سٺي نموني آگاھي ڏئي سگھن ھا. جڏھن دنيا ڏسندي ھوندي تھ جنھن ملڪ ۾ ٻوڏ آيل آھي اتي تھ ھڪٻئي خلاف سياسي جلسا ٿي رھيا آھن ۽ انھن جا بحث جا اھم موضوع ئي ٻيا آھن تھ انھي ٻوڏ کي دنيا ڪيترو سنجيدھ وٺندي يا مدد لاءِ اڳيان ايندي جڏھن اسان پاڻ ئي ايتري سنجيدگي ڏيکاري رھيا آھيون.انھي کان وڌيڪ خطرناڪ ڳالھھ  اھا آھي تھ نومبر ۾ ٿيندڙ اھم اداري ۾ مقرري کي جنھن انداز ۾ اسان وٽ بحث جو موضوع بڻايو ويو آھي اھو نھ رڳو انھي مقرري پر ان اداري کي بھ تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش آھي.جڏھن تھ اھو ھڪ آئيني ۽ قانوني ڪم آھي جنھن مقرري جا واضح ۽ کليل ضابطا مقرر آھن تھ پوءِ انھي کي ھروڀرو تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڇو ڪئي پئي وڃي.؟

اسان سمجھون ٿا تھ اھڙين مقررين تي تھ عام حالتن ۾ بھ بحث جي گنجائش نھ ھئڻ گھرجي ھن وقت تھ ملڪ ٻوڏ سبب ھنگامي حالتن کي منھن ڏئي رھيو آھي ،حڪومت سميت سڀني ادارن ۽ سياسي ڌرين کي انھن ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ اڳيان اچڻ گھرجي نھ ڪي اھڙن بحثن ۾ ڦاسي پنھنجي انھي ڪم  کان منھن موڙڻ گھرجي جنھن جي نتيجي ۾ لکين ماڻھن جون حياتيون بک ،بيمارين ۽ اجھو نھ ھئڻ ڪري داءَ تي لڳل آھن.