اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير رانا تنوير حسين اينگرو جي سي اي او علي رٿور سان ملاقات ڪئي، گئس جي فراهمي ۽ يوريا جي برآمد بابت مثبت پيش رفت ٿي. اينگرو جي سي اي او چيو ته ملڪ ۾ يوريا جو اسٽاڪ 8 کان 10 لک ٽن آهي، جيڪو ملڪ جي ضرورت کان وڌيڪ آهي. سڀ فرٽيلائزر ڪمپنيون اضافي يوريا برآمد ڪرڻ چاهن ٿيون، ان سان ناڻي ذخيرا وڌندا. وفاقي وير رانا تنوير حسين چيو ته اينگرو کي گئس فراهمي لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو، زراعت جي ترقي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.