اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ ووٽرن جي تازي ڊيٽا جاري ڪري ڇڏي. ملڪ ۾ ووٽرن جو انگ وڌي 13 ڪروڙ 4 لک 44 هزار 891 ٿي ويو. اليڪشن ڪميشن جي انگن اکرن موجب ملڪ ۾ مرد ووٽرن جو انگ 7 ڪروڙ 1 لک 87 هزار 683 جڏهن ته عورت ووٽرن جو انگ 6 ڪروڙ 2 لک 57 هزار 208 آهي. اسلام آباد ۾ ووٽرن جو انگ وڌي 11 لک 12 هزار 744 ٿي ويو آهي. اسلام آباد ۾ مرد ووٽرن جو انگ 5 لک 83 هزار 963 ۽ عورتن جو انگ 5 لک 28 هزار 781 ٿي ويو آهي. بلوچستان ۾ ووٽرن جو انگ 54 لک 50 هزار 572 آهي، بلوچستان ۾ مرد ووٽرن جو انگ 30 لک 56 هزار 775 آهي، عورت ووٽرن جو انگ 23 لک 93 هزار 797 آهي. خيبرپختونخوا ۾ ووٽرن جو انگ 2 ڪروڙ 22 لک 45 هزار 264 آهي. خيبرپختونخوا ۾ مرد ووٽرن جو انگ 1 ڪروڙ 21 لک 8 هزار 332 آهي، عورت ووٽرن جو انگ 1 ڪروڙ 1 لک 36 هزار 932 آهي. پنجاب ۾ ووٽرن جو انگ 7 ڪروڙ 42 لک 55 هزار 74 آهي. پنجاب ۾ مرد ووٽرن جو انگ 3 ڪروڙ 96 لک 29 هزار 841 آهي، عورت ووٽرن جو انگ 3 ڪروڙ 46 لک 25 هزار 233 آهي. سنڌ ۾ ووٽرن جو انگ 2 ڪروڙ 73 لک 81 هزار 237 آهي. سنڌ ۾ مرد ووٽرن جو انگ 1 ڪروڙ 48 لک 8 هزار 772 آهي، عورت ووٽرن جو انگ 1 ڪروڙ 25 لک 72 هزار 465 آهي.