اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) ملڪ ۾ ووٽرن جو انگ وڌي 13 ڪروڙ 34 لک 17 هزار 505 ٿي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ ووٽرن جي انگ اکر جاري ڪري ڇڏيو. ملڪ ۾ مرد ووٽرن جو انگ 7 ڪروڙ 16 لک 54 هزار 92، عورت ووٽرن جو انگ 6 ڪروڙ 17 لک 63 هزار 413 ٿي ويو، ملڪ ۾ مرد ووٽرن جو انگ 53.71 سيڪڙو، عورتن جي ووٽرن جي شرح 46.29 سيڪڙو آهي. اليڪشن ڪميشن جي موجوده انگن اکرن موجب اسلام آباد ۾ ووٽرن جو انگ 11 لک 83 هزار 661 آهي، مرد ووٽرن جو انگ 6 لک 19 هزار 573 آهي، عورتن جو انگ 5 لک 64 هزار 88 آهي، اسلام آباد ۾ مرد ووٽرن جو 52.34 سيڪڙو ۽ عورتن ووٽرز 76 سيڪڙو آهي. بلوچستان ۾ ووٽرن جو انگ 55 لک 66 هزار 441 آهي، مرد ووٽرن جو انگ 31 لک 17 هزار 944 آهي، عورت ووٽرز انگ 24 لک 48 هزار 497 آهي، بلوچستان ۾ مرد ووٽرن 56.1 سيڪڙو ۽ عورت ووٽر 43.99  سيڪڙو آهن. اهڙي ريت خيبرپختونخوا ۾ ووٽرن جو انگ 2 ڪروڙ 26 لک 75 هزار 553 آهي، مرد ووٽرن جو انگ 1 ڪروڙ 23 لک 30 هزار 460 آهي، عورتن ووٽرن جو انگ 1 ڪروڙ 3 لک 45 هزار 93 آهي، خيبرپختونخوا ۾ مرد ووٽرن 54.38 سيڪڙو ۽ عورت ووٽرز 45.62 سيڪڙو آهن. پنجاب ۾ مجموعي طور تي 7 ڪروڙ 60 لک 10 هزار 349 ووٽرز جو انگ آهي، پنجاب ۾ مرد ووٽرز 4 ڪروڙ 4 لک 67 هزار 887 ۽ عورت ووٽرن جو انگ 3 ڪروڙ 55 لک 42 هزار 462 آهي. پنجاب ۾ مرد ووٽر 53.24 سيڪڙو ۽ عورتن ووٽرز 46.76 سيڪڙو آهن. ساڳي ريت سنڌ ۾ ووٽرن جو انگ 2 ڪروڙ 79 لک 81 هزار 501 آهي، مرد ووٽرن جو انگ 1 ڪروڙ 51 لک 18 هزار 228 آهي، عورت ووٽرن جو انگ 1 ڪروڙ 28 لک 63 هزار 273 آهي، سنڌ ۾ مرد ووٽرز 54.03 سيڪڙو ۽ عورتن ووٽرز 45.97 سيڪڙو آهن.