اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي ايوان ۾ حڪومتي ميمبرن چيو آهي ته هڪ ٻئي جي ڳچين کي پڪڙينداسين ته رياست ڪمزور ٿيندي، سياستدان پاڻ آمراڻين قوتن لاءِ راءِ هموار ڪندا آهن، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ هڪ قانون ناهي، تفصيل موجب سينيٽ جي گولڊن جوبلي تقريبن جي حوالي سان ٿيل سينيٽ جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي قانون جي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان کي هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻ جي ضرورت آهي، صبر ۽ برداشت سان هڪ ٻئي جي ڳالهه ٻڌڻي پوندي، سينيٽ جي گولڊن جوبلي تقريبن ۾ به اپوزيشن شرڪت نه ڪئي، ملڪي استحڪام لاءِ سياسي پارٽين کي گڏجي ويهڻو پوندو، هڪ ٻئي جا گريبان پڪڙڻ سان رياست ڪمزور ٿيندي، سياستدان وڙهندا ته پاڻ آمراڻي قوتن لاءِ راهه هموار ڪندا آهن، پيپلز پارٽي جي سينيٽر مولا بخش چانڊيو چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ هڪ قانون نه آهي، هڪ علائقي لاءِ الڳ ۽ ٻئي علائقي لاءِ الڳ قانون آهي، جيڪو ڪجهه هڪ صوبي جو اڳوڻو وزيراعظم ڪري رهيو آهي اگر اهو رويو ڪنهن ننڍي صوبي جي وزيراعظم جو هجي ها ته ان کي ڦاهي تي لٽڪايو وڃي ها، بدقسمتي سان ملڪ جي وڏن ادارن تي به علائقائي سوچ غالب آهي، منظور ڪاڪڙ چيو ته اگر اسان پاڻ ۾ وڙهندا رهياسين، مهانگائي ۽ عوامي مسئلن تي ڌيان نه ڏنو ته مشڪلاتون وڌنديون، پلوشه خان چيو ته ملڪ ۾ سياسي انتشار آهي، آءِ ايم ايف جا شرط روايتي ناهي، هڪ ارب ڊالر لاءِ تذليل ٿي رهي آهي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته جمهوريت ذريعي ماڻهن جي زندگين ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهجي ٿي، ننڍن صوبن ۾ احساس محرومي جي خاتمي لاءِ عزم جو اظهار ڪيون ٿا، سينيٽ جي ايوان 50 سالن جي تقريبن جي حوالي سان قرارداد پاس ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ايوان عزم ڪري ٿو ته آئين پاڪستان کي سربلند رکيو ويندو، ملڪ ۾ جمهوري قدرن، وفاقيت، بردباري کي هٿي ڏني ويندي.