اسلام آباد (بيورو رپورٽ) شماريات کاتي هفتيوار مهانگائي جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. شماريات کاتي موجب، هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي شرح ۾ 9 ڏهائي 95 سيڪڙو رڪارڊ واڌ ٿي جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ مهانگائي جي مجموعي شرح 41 ڏهائي 90 سيڪڙو تائين پهچي وئي. شماريات کاتي ٻڌايو ته هڪ هفتي دوران 25 شيون مهانگيون ۽ 13 سستيون ٿيون. رپورٽ موجب، هڪ هفتي دوران قدرتي گئس 480 سيڪڙو، چانهه 8.88، مهري دال 5.28 سيڪڙو، مرغي 3.99 سيڪڙو ٿوم 3.09 سيڪڙو مهانگي ٿي، جڏهن ته لوڻ، اٽو، ايل پي جي ۽ پٽاٽن جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. ان کانسواءِ في ڪلو ٽماٽا 11.16 سيڪڙو، کنڊ 4.24 سيڪڙو ۽ بصر في ڪلو 1.49 سيڪڙو سستا ٿيا، جڏهن ته گيهه، چانور ۽ ڳڙ به سستو ٿيو آهي.