ملڪ ۾ مهانگائي، حڪومتي قدم ۽ وڌندڙ خودڪشيون

0
47
عالمي امداد ٻوڏ متاثرن تي ئي خرچ ڪرڻ جو سوال

ملڪ ۾ مهانگائي هاڻ ايتري ته وڌي وئي آهي جو ان کي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ به نه ٿو چئي سگهجي. هاڻ ته ان لاءِ نئون اصطلاح جوڙڻو پوندو ته مهانگائي ستين آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. ان ۾ گهٽتائي اچڻ جو يا عوام کي ڪو رليف ملڻ جو ڪو امڪان ئي نظر نه اچي رهيو آهي. پاڻ ان ۾ اضافي جو خوف آهي. هونئن به هاڻ هر روز نئين بجيٽ اچي رهي آهي، هر روز مارڪيٽ ۾ شين جا اگهه نوان هوندا آهن. وچولو طبقو ختم ٿي ويو آهي. هاڻ ملڪ ۾ رڳو 2 طبقا آهن هڪ انتهائي غريب ۽ ٻيو انتهائي امير. وچ ۾ جيڪو وچولو طبقو هوندو هو اهو هاڻ رهيو ئي نه آهي. مهانگائي روڪڻ لاءِ حڪومت دعوائون ته وڏيون ڪري رهي آهي پر انهن دعوائن کي ساڀيان ٿيندي نه پيا ڏسون. نه رڳو وفاقي حڪومت پر صوبائي حڪومتون به ڪجهه نه ڪري رهيون آهن. مٿان وري اهي خوف ڏياريا پيا وڃن ته حڪومت آءِ ايم ايف جي چوڻ تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائي رهي آهي، بجلي ۽ گئس مهانگي ڪري رهي آهي، ڊالر جي  اگهه تان پنهنجو ڪنٽرول ختم ڪري رهي آهي، مِني بجيٽ آڻي رهي آهي جنهن سان مهانگائي جو اهڙو ته طوفان ايندو جو ان کي روڪڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه رهندي. حڪومت آءِ ايم ايف جو پروگرام روڪڻ بدران جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن سان معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته مهانگائي ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿي ويندو. ڊالر مهانگو ٿيڻ سان جيڪو سڀ کان وڌيڪ بار پوندو اهو تيل جي قيمتن تي پوندو، ٻاهران ايندڙ شيون مهانگيون ٿينديون. تيل مهانگو ٿيندو ته ان سان ملڪ ۾ تيار ٿيندڙ شين جي خاص طور تي ڀاڄين ۽ خوراڪ جي شين جي لاڳت وڌي ويندي اها لاڳت وري عوام مان وصول ڪئي ويندي. ان عوام مان جنهن جي خريداري جي سگهه بنهه ختم ٿي چڪي آهي. اسٽيٽ بينڪ جي گورنر مهانگائي ۽ ناڻي جي واڌ روڪڻ لاءِ وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو اضافو ڪيو آهي. جڏهن ته بينڪ ئي مهانگائي ۾ اضافي جو خدشو به ظاهر ڪيو آهي. هاڻ صورتحال اتي وڃي پهتي آهي جو ان کان وڌيڪ خراب ٿيڻ ممڪن ئي نه آهي. ڇاڪاڻ ته هاڻ اسان وٽ به غربت سبب خودڪشيون ڪرڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي. روز ڪيتريون ئي خبرون رپورٽ ٿين ٿيون ته ماڻهو پاڻ کي رڳو ان ڪري ماري رهيا آهن جو هنن وٽ ٻارن کي کارائڻ لاءِ ماني به نه آهي. ان کان علاوه جيڪي ماڻهو گهرو پريشانين يا ٻين سببن ڪري خودڪشيون ڪندا آهن انهن جو به اصل سبب ته غربت ۽ بيروزگاري ئي آهي. باقي جيڪڏهن سڀ سک هجن ته اهو ڪير آهي جيڪو هن خوبصورت دنيا کي تياڳڻ لاءِ تيار ٿي وڃي!

اسان وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪنداسين ته اها عوام جي اهنجن جو خيال ڪري. حڪمران رڳو وات سان اها ڳالهه نه ڪن ته اسان عوام جو خيار ڪريون پيا پر ان ڳالهه کي ثابت به ڪري ڏيکارين ته جيئن عوام کي ڪو ڏڍ، ڪو آسرو ملي ۽ اهي جيئڻ لائق ٿي سگهن. جيڪڏهن ڪنهن ماءُ وٽ گهر ۾ ٻارن کي کارائڻ لاءِ ان جا چار داڻا يا وري اٽي جي لپ به نه هجي ته حڪومت جون دعوائون هجن يا وري دنيا جون خوبصورتيون ان کي ڪا به ڳالهه ناهي وڻندي. ڇاڪاڻ ته هن جو پنهنجو ۽ هن جي ٻچن جو پيٽ خالي هوندو آهي. ان ڪري ئي ته شيخ اياز چيو هو ته:

ڍءُ بنا ڍوليا، ڪانهي ساڃاهه سونهن جي!

وفاقي حڪومت پنهنجي پاليسين کي غريبن جي ڀلائي وارو بڻائي هاڻ غريبن ۾ وڌيڪ قرباني ڏيڻ جي سگهه نه رهي آهي، هاڻ اميرن ۽ رعايتون حاصل ڪندڙ طبقي کي قرباني ڏيڻي پوندي. جڏهن ته صوبائي حڪومتون به عوام تي رحم ڪن ۽ ماڻهن کي حڪومتي اگهن تي شين جي فراهمي يقيني بڻائين.