ملڪ ۾ في تولو سون 950 رپيا سستو ٿي ويو

0
77

پاڪستان ۾ اڄ سون جو اگھھ 950 روپيا في تولو گھٽ ٿيو آھي، سنڌ صرافھ بازار جيولرز ايسوسيئيشن موجب 950 روپين جي گھٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ في تولو سون جو اگھھ ھڪ لک 11 ھزار 800 روپيا ٿي ويو آھي. 10 گرام سوني جو اگھھ 815 روپيا وڌيڪ ٿي 95 ھزار 850 روپيا آھي. ايسوسيئيشن موجب عالمي صرافھ مارڪيٽ ۾ سون جو اگھھ 12 ڊالر گھٽ ٿي ھڪ ھزار 907 ڊالر في اونس آھي.