اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان يونين آف جرنلسٽس پاران پاڪستان ۾ ميڊيا جي بحرانن متعلق سيمينار  ۾ جي يو آئي سربراه مولانا فضل الرحمان، پي ڪي ميپ جي سربراه  محمود خان  اچڪزئي، سينيٽر راجا ناصر عباس، سينئر صحافي حامد مير سميت سينيئر صحافين ۽ سياستدانن شرڪت ڪئي.سيمينار کي خطاب ڪندي پختونخوا ملي عوامي پارٽي جو چيئرمين محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان جي ڪوتاهين، خراب ڪردارن ۽ رشوت سبب اسان جو ملڪ هڪ ڀيرو ٽٽي چڪو آهي، اڄ تائين اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته اسان جو ملڪ ڇو ٽٽو. مان چريو نه آهيان، مون کي به زندگي سان پيار آهي، پر اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته هن ملڪ تي انهن جي حڪمراني هوندي جيڪي چون ٿا ته اسان کي سياست ۾ حصو نه وٺڻ گهرجي، يا اهي حڪومت ڪندا جيڪي عوام جا چونڊيل اڳواڻ آهن. هن چيو ته توهان عوام کي يقين ڏياريو ته فاشسٽ حڪومت نه هوندي. بلوچ، پشتون، پنجابي، سنڌي، سڀني کي چئو انهن جي علائقن جي قدرتي وسيلا انهن جو حق آهي. هن چيو ته ملڪ جي وسيلن تي عوام جو حق اهي. صوبن جي وسيلن تي اُتان جي عوام جو حق آهي. عوام کي سمورا حق نه ته ڪجهه حق ته ڏنا وڃن. اسان جيڪڏهن عقل مان ڪم نه ورتو ته وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو. قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پيڪا ايڪٽ تي اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورا نه ڪرڻ تي اسان پارليامينٽ جي ميمبرن کان معذرت ڪريون ٿا، حڪومت 26هين آئيني ترميم جو غلط استعمال ڪري رهي آهي، اسان ڳالهائي نٿا سگهون، پوري قوم کي پيڪا ايڪٽ خلاف نڪرڻو پوندو، شهرين جا آئيني حق کسيا ويا آهن، اسان صحافي برادري سان گڏ آھيون، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته هر آمر آئين، جمهوريت، پارليامينٽ جو قتل ڪيو آهي. ڪجهه مهينا اڳ 26 هين ترميم جو اسان مقابلو ڪيو. هنن عدليه کي پنهنجو غلام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، فوجي عدالتون ٺاهي بنيادي انساني حقن کي دٻايو ويو. اسان جا ٻه صوبا انتظامي طور ملڪ مان ڪٽجي ويا آهن، حڪومتي رٽ ختم ٿي چڪي آهي. شام 5 وڳي کان پوءِ اُتي ڪا پوليس ناهي. هٿياربند ماڻهو بازارن، عوام کي ڪنٽرول ڪري رهيا آهن. جمهوريت پنهنجو ڪيس هاري رهي آهي، اسان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون؟.  سيمينار ۾ ڳالهائيندي سينيئر صحافي حامد مير چيو ته جعلي خبرن خلاف قانون ملڪ کي گهرو ويڙهه ڏانهن ڌڪيندو، هي قانون جعلي خبرن خلاف نه پر آزاد صحافين ۽ مخالف ڌر جي خلاف ٺاهيو ويو آهي. توهان کي اهو بل واپس وٺڻو پوندو ٻي صورت ۾ کلي جنگ ٿيندي.  سيمنار ۾ ڳالهائيندي علامه راجا ناصر عباس چيو ته ملڪ ۾ معذورن جي حڪومت آهي، جيتريون به ترميمون منظور ٿيون آهن، سياسي جماعتون منافقت نه ڪن ها ته اهي منظور نه ٿين ها. عوام جي حقن لاءِ وڙهنداسين ۽ ڪامياب ٿينداسين.