ملڪ ۾ طاقتور اولهندي سسٽم تحت شديد برساتن جا امڪان

0
156

ملڪ ۾ طاقتوراولهندي سسٽم تحت شديد برساتن جا امڪان، پي ڊي ايم اي موجب طاقتور اولهندو سسٽم پاڪ-افغان ۽ پاڪ-ايران سرحدي علائقن ۾ داخل ٿي ويو آهي

پي ڊي ايم اي موجب موجوده سسٽم سياري جي موسم جو سڀ کان طاقتور سلسلو ثابت ٿي سگهي ٿو، بلوچستان جي اتر اولهه وارن علائقن ۾اڄ منجهند تائين اولهندي سسٽم جي اثرانداز ٿيڻ جو امڪان آهي

 اڄ کان فيبروري جي وچ تائين سيءَ جي وڏي لهر جاري رهڻ جو امڪان آهي، ندين ۽ نالن ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، زيارت، قلعه عبدالله، خانوزئي، مسلم باغ، کان مهترزئي ۽ توبه اچڪزئي ۾ برفتاري جو امڪان آهي