حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ سميت ملڪ ۾صحافين کي ڪا به سچ لکڻ جي آزادي ناهي، صحافت تي اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل پابنديون مڙهي زبانن جي تالابندي ڪئي وئي آهي، فرضن جي ادائگي تي صحافين کي قتل ڪرڻ، اغوا ڪرڻ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جا واقعا گھٽجڻ بدران وڌي رھيا آھن. اھڙن خيالن جو اظهار سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نئين چونڊجي آيل باڊي جي صدر ايڊووڪيٽ عشرت علي لوهار، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسرار چانگ، ايڊووڪيٽ زين العابدين سھتو ۽ ايڊووڪيٽ مس نورين گڏيل طور ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هنن چيو ته ملڪ ۾ ٿيندڙ ظلم، جبر، ڏاڍ کانسواءِ موسمياتي تبديلي، صحت، تعليم، سنڌو درياهه تي اڏجندڙ تڪراري ڪينالن، ملڪ جي سرحدن جي حفاظت بابت آگاهيءَ ۾ ميڊيا جو ڪردار اهم آهي، ملڪ جي حڪمرانن صحافت جي آزادي تي پابندي مڙهڻ لاءِ پيڪا آرڊيننس لاڳو ڪيو ۽ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ صحافين تي ڪيس داخل ڪري کين سچ لکڻ جي راھه تان هٽايو پيو وڃي. صحافت تي پابندي مڙهڻ جي سازش ۽ پيڪا آرڊيننس خلاف حيدرآباد سميت ملڪ جا وڪيل صحافي برادري سان گڏ آھن، سندن قانوني مدد ڪري رھيا آھن. سڄي دنيا ۾ صحافي پنهنجو ڪم ڪرڻ ۾ چيلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهن، صحافين جي تحفظ لاءِ قدم کنيا وڃن ته جيئن بنا خوف جي رپورٽنگ ڪري سگهن. ميڊيا قومي مفاد کي نظر آڏو رکندي ذميواراڻي ۽ درست رپورٽنگ ڪري، ميڊيا کي اخلاقي قدرن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جبر سان وڙهڻ ۽ سچائي سامهون آڻيندڙ صحافت جي آزاديءَ جي عالمي ڏهاڙي تي انھن صحافين کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا. حق سچ لکندڙ صحافين کي شھيد ڪيو وڃي ٿو، شھيد جان محمد مھر، شھيد نصر الله گڏاڻي، شھيد اي ڊي شر جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ميڊيا جي تحفظ لاءِ قانونسازي ڪري، هيلٿ انشورنس ۽ ميڊيا جي رهتن جي ادائگي ڪري ميڊيا جي بهتري ۽ مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن.