اسلام آباد: ملڪ ۾ زراعت لاءِ 131 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي دستياب هوندو، اقتصادي سروي رپورٽ موجب گذريل 4 سالن ۾ زرعي زمين ۾ ڪو به اضافو نه ٿيو، ملڪ ۾ پوکائي جي قابل زمين جي پکيڙ 2 ڪروڙ 34 لک 50 هزار هيڪٽر آهي، ملڪ ۾ ٻيلا 44 لک 70 هزار هيڪٽرز آهن.