پشاور (م ڊ)   پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي چيو آهي ته ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي انهي جي شروعات جنرل باجوه ڪئي.هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اعظم سواتي چيو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي خلاف پٽيشن داخل ڪري رهيو آهيان، مان افغانستان وڃي رهيو آهيان، منهنجو پاسپورٽ بلاڪ ڪيو ويو آهي، مان پنهنجي حق جي لاءِ بطور عام شهري جي درخواست داخل ڪري رهيو آهيان. بنارسي ٺڳ اسحاق ڊار کي خبر آهي ته مان انهي کي عدالت ۾ آڻي رهيو آهيان، ملڪ کان ٻاهر وڃڻ تي ڪابه پابندي ناهي، مان ذاتي طور تي وڃي رهيو آهيان. اهي ڪير ماڻهو آهن جيڪي ملڪ جي اندر فوج جي خلاف نفرت پيدا ڪري رهيا آهن. پي ٽي آءِ باني چيو هو ته فوج ۽ عوام جي عزت هڪ ٻئي سان جڙيل هوندي آهي. هن چيو ته  جنهن ملڪ جي پارليامينٽ مان ماڻهو کنيا وڃن انهن جو ڪوبه مستقبل ناهي هوندو. قومي ڏوهاري نوازشريف ۽ ٻين کي ملڪ ۾ پناهه ڏني وئي آهي. خدارا هن ملڪ کي بچاءُ، فوج جي عزت کي بحال ڪريو. چين سان دوستي پاڪستان جي فائدي ۾ آهي، پي ٽي آءِ ملڪ کي جوڙڻ جي لاءِ ڪوشان آهي. هن چيو ته افغانستان ۽ ايران سان ڳالهيون ڪري معاملا صحيح ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسٽبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ ڇا غلط آهي، ترنول جلسو رتوڇاڻ سبب ملتوي ڪيو. جلسي جا رستا فوج نه محسن نقوي ڪنٽينرز لڳائي بند ڪري ڇڏيا هئا.