اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي سائبر ڪرائم وقار الدين سيد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم ونگ انٽرنيشنل سمز جي غير قانوني ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري رهي آهي. پاڪستان ۾ موبائل سمن جي غيرقانوني استعمال ذريعي مختلف قسم جا سائبر ڏوهه نه رڳو قومي پر عالمي سطح تي به ٿين ٿا. ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم جي جاچ ٽيمن اهو به مشاهدو ڪيو ته برطانيه جي سمز ان لاءِ وڌيڪ مشهور آهن. انهن جي پري ايڪٽويشن ۽ سستي قيمت آهي. وقار الدين سيد وڌيڪ چيو ته پهريان کان ايڪٽوَ ٿيل برطانيه جون سمز مارڪيٽ ۾ آن لائين آرڊر (ڪيش اِن ڊليوري) ذريعي 500 رپيا کان 2000 رپين جي قيمتن تي آساني سان دستياب آهن. سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جهڙوڪ ٽڪ ٽاڪ، انسٽاگرام، فيسبوڪ وغيره پڻ آن لائن آرڊرنگ لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن. اهي سمز غيرقانوني طور تي ايئرپورٽن ذريعي ايندڙ مسافرن طرفان پاڪستان ۾ آنديون پيون وڃن، انهن سمن کي ڪنهن به قسم جي رجسٽريشن جي ضرورت ناهي، اهو آساني سان سنگين منظم ڏوهن مالي فراڊ، ڀنگ لاءِ اغوا، چائلڊ پورنوگرافي ۽ دهشتگردي وغيره لاءِ آسانيءَ سان استعمال ڪري سگهجي ٿو. ايف آءِ اي قومي سلامتي ادارن جي مدد سان پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ انٽرنيشنل سمز جي غير قانوني وڪري ۽ خريداري خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي. هينئر تائين 21 ايف آءِ آرز داخل ڪري 44 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ 8363 برطانيا جون انٽرنيشنل سمز هٿ ڪيون ويون آهن. انهن جوابدارن کي ملتان، لاهور، فيصل آباد، گوجرانوالا، راولپنڊي، پشاور، سکر ۽ ايبٽ آباد مان گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته انٽرنيشنل سم جو غلط استعمال پاڪستان ۾ قابل سزا ڏوهه آهي. اهڙي سنگين ڏوهه ۾ جيڪو به ملوث هوندو ان خلاف پاڪستان جي سائبر ڪرائم قانونن تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. سوشل ميڊيا ڪمپنيون پاڪستان ۾ استعمال ٿيندڙ بين الاقوامي سمز جي ڊيٽا محفوظ ڪنديون آهن ۽ جيڪڏهن هي بين الاقوامي سمز دهشتگردي، جاسوسي، ٻارن جي جنسي استحصال وغيره جهڙن سنگين ڏوهن ۾ ملوث ثابت ٿيا ته پوءِ انهن جي استعمال ڪندڙن کي به جيل ۾ وڌو ويندو. ايف آءِ اي انهن سمن کي آڻڻ ۽ استعمال ڪرڻ وارن خلاف مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. اسان سرگوڌا، فيصل آباد، لاهور، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ ڪريڪ ڊائون ڪري 44 ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي. ان دوران انهن وٽان 8 هزار سمز هٿ ڪيون ويون آهن. اڪثر سمز انگلينڊ جون آهن. اهڙا واقعا به سامهون آيا آهن جتي ايف آءِ اي ايئرپورٽ تان هڪ هڪ مسافر وٽان 8 هزار سمز هٿ ڪري ورتيون آهن. عورتن، ٻارڙن کي حراسان ڪرڻ، دهشتگردي جي واقعن ۾ سڀ کان وڌيڪ ان بين القوامي سمن جو غيرقانوني استعمال ٿيو.