مورو(ن پ ا) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو چيو آهي ته ملڪ ۾ بدترين قسم جي مرڪزيت پسند آمريت آھي، هتي پنجاب حاڪم آھي ۽ سنڌ محڪوم، ھتي سمورا فيصلا پنجاب جي مفاد ۾ ۽ پنجاب جي مرضيءَ سان ڪيا وڃن ٿا، هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ان جو تازو مثال سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي پنجاب کي سرسبز بنائڻ آھي، جنھن جي نتيجي ۾ سرسبز سنڌ ويران ٿي ويندي، هن چيو ته سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ پھرئين ڏينھن کان جاري آھي، ھاڻي ترقي جي نالي ۾ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمين تي والار ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته ائين چوڻ غلط نه ٿيندو ته سنڌ کي فلسطين بنائڻ جي منصوبي تي عمل ڪيو پيو وڃي، ھن چيو ته سنڌي قوم کي محڪوم بنائڻ لاءِ اسان جي ڌرتي تي قبضو ڪرڻ لاءِ ۽ اسان جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ حڪمرانن جي سڀ کان وڏي ايجنٽ پيپلز پارٽي آھي، ان پارٽي جا اڳواڻ گذريل اڌ صديءَ کان اقتدار جي ڪرسي خاطر سنڌ جي مفادن جو سودو ڪندا پيا اچن.