نواب شاهه (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي صدر آصف علي زرداري سڪرنڊ ۽ قاضي احمد سان تعلق رکندڙ پارٽي ڪارڪنن ۽ معززين سان ملاقات ڪئي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان گڏ غلام قادر چانڊيو، غلام مصطفيٰ شاهه، ايم پي اي خان محمد ڏاهري، غلام قادر چانڊيو، آفتاب انڙ، غلام شاهه لغاري، طارق آرائين، ناصر شاهه، علي حسن زرداري، منور وساڻ، عاشق زرداري ۽ ٻيا موجود هئا، صدر زرداري سڪرنڊ ۽ قاضي احمد سان تعلق رکندڙ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کان سياسي حڪمت عملي ۽ چونڊ مهم بابت تجويزون ٻڌيون. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي انشاءَ الله ملڪ ۾ ايندڙ حڪومت ٺاهيندي، هن چيو ته پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن هر دور ۾ چئلينجز کي قبول ڪيو آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جو هر ڪارڪن ملڪ ۾ عوام جي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.