ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ماڻهن کي گھٽ ڳڻيندڙ رياست کان ان جو سبب پڇڻ گھرجي، اسان کي گھٽ ڳڻي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن تي پريشاني آهي، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته اسان کي پوئتي ڌِڪڻ وارا هارجي ويا آهن پر هار نه ٿا مڃين، اسان کي پوئتي ڌِڪڻ وارن کي هاڻي لڳي پيو ته جنهن پاڪستان کين پاليو آهي اهو پاڪستان ئي نه رهيو ته ڇا پوءِ ٿيندو؟ ان لاءِ ضروري آهي ته جيڪو شهر مُلڪ کي هلائي پيو ان کي هلڻ ڏنو وڃي، تاريخ اهڙي رياست کان پڇاڻو ڪندي جيڪا رياست عوام کي ڳڻڻ ۾ به فرق رکي رهي آهي، هن چيو ته 92ع جي آپريشن کان پوءِ سنڌ ۽ پنجاب جون جيلون اسان سان ڀريل هيون، ڪيئي شهرن ۾ سنگين ڪيسن جي جوابدارن کي به آزاد ڪيو وڃي، جيئن جيلن ۾ مهاجرن لاءِ گنجائش پيدا ڪري سگھجي. هن چيو ته آدمشماري کان اڳ اسان ان سپريم ڪورٽ ويا هئاسين جيڪا هر ننڍي معاملي تي به پاڻمرادو نوٽيس وٺندي آهي، هن چيو ته جنهن شهر جي ٽيڪس سان پورو نظام هلندو آهي ان شهر جي ماڻهن کي گھٽ ڳڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو پر عدالت ڪٿي هئي؟ جيڪڏهن اسان عدالتن ۾ به انصاف نه ملي ته ڇا هٿيار کڻون؟ ڪراچي جي 32 هزار عمارتن کي ناهي ڳڻيو ويو، هن چيو ته آدمشماري جي تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي ته ان مان ئي اندازو لڳي چڪو ته حڪومت جي نيت ٺيڪ ناهي، ڪراچي جي 7 بلاڪس ۾ آدمشماري ٺيڪ ناهي ٿي، ڪراچي ۾ 9 سيڪڙو گھر اهڙا ڄاڻايا ويا جن ۾ هڪ هڪ ماڻهو رهي ٿو. جنهن شهر ۾ 3 ڪروڙ ماڻهن لاءِ ڪڻڪ اچي ٿي ان ۾ 2 ڪروڙ آبادي ڏيکاري وئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته مُلڪ ۾ ايمرجنسي لڳل آهي پر نظر نه ٿي اچي، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته جيڪي ميرٽ جو فيصلو ڪندڙ آهن گھٽ ۾ گھٽ انهن کي ته ميرٽ تي آندو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن پي ڊي ايم اسان سان رابطو ڪيو ته پوءِ ئي کين ٻڌائينداسين ته اسان احتجاج جو حصو بڻجون ٿا يا نه؟