ملڪ ۾ ننڍي دوڪاندار کان 3 هزار ماهوار ۽ 36 هزار رپيا سالياني ٽيڪس اوڳاڙڻ جو اعلان

0
64
جيڪي ڏکيائيون اينديون،

وفاقي حڪومت ملڪ جي ننڍن توڙي وڏن دوڪاندارن کان ماهوار ٽيڪس اوڳاڙڻ جو اعلان ڪيو آهي

ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته هر ننڍي دوڪاندار کي 3 هزار رپيا ماهوار ۽ 36 هزار رپيا سالياني ٽيڪس ڏيڻي پوندي، هڪ لک رپين جو بجلي بل ڀريندڙ دوڪاندار تي ماهوار 10 هزار رپيا ٽيڪس لڳندي

مفتاح اسماعيل چيو ته هڪ سئو يونٽس کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ دوڪاندارن کي ٽيڪس کان ڇُوٽ ڏينداسين

هن چيو ته عمران خان ملڪي معيشت جا کـَـنڌا کڻي ڇڏيا، ملڪ کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ اسان پنهنجي سياست قربان ڪري ڇڏي

مفتاح اسماعيل چيو ته قوم سان گڏجي مشڪل فيصلن کي منهن ڏينداسين، ملڪ جون حالتون خراب آهن، سڀئي مدد ڪن