اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وڪيلن کانپوءِ پي ٽي آءِ باني به چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي اعتراض واري ڇڏيا، عمران حڪومت سان ڳالهين کان انڪار ڪندي جيل ۾ بُک هڙتال جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، اڊيالا جيل ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ باني چيو ته منهنجي ۽ پي ٽي آءِ جي هر ڪيس ۾ جسٽس قاضي فائز ڪيئن اچي ويندو آهي؟، منهنجي وڪيلن هر بئنچ ۾ چيف جسٽس جي موجودگيءَ تي اعتراض واريو آهي، هاڻي اسان کي شڪ آهي ته انصاف ناهي ملڻو، جنهن اليڪشن ڪميشن فراڊ چونڊون ڪرايون، انصاف لاءِ اُنهي ڏانهن اُماڻيو پيو وڃي، هن چيو ته جسٽس گلزار جي 5 رُڪني بئنچ چيو هو ته جسٽس قاضي فائز اسان جا ڪيس نٿو ٻڌي سگهي، عمران چيو ته حڪومت سان ڳالهيون نه ڪنداسين، ڳالهين جو وقت 8 فيبروري تي گذري ويو، ملڪ ۾ آمريت آهي، پي ٽي آءِ باني الزام هنيو ته جيل ۾ ناروا سلوڪ ڪيو وڃي ٿو، پارٽي اڳواڻن سان ملڻ نٿو ڏنو وڃي، مشاورت ڪري رهيو آهيان انصاف نه مليو ته بُک هڙتال ڪندس، پارٽي سان مشاورت بعد بُک هڙتال جي تاريخ جو اعلان ڪندس.