ٽنڊو محمد خان(رپورٽ: امتياز مڱريو) ٽنڊو محمد خان جي مويا شهر ۾ عوامي تحريڪ طرفان سنڌو تي 6 نوان ڪئنال اڏجڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي آڙ ۾ سنڌ جي زمينن تي والار سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف مرڪزي صدر وسند ٿري ، مرڪزي نائب صدر ستار رند، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، هرچند لال، هاشم لغاري، ڊاڪٽر مشتاق شورو، انور رند، فاضل کوسو، اياز صالح پليجو، دلدار نوحاڻي، دانش ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مويا اسٽاپ کان احتجاجي پيادل مارچ ڪيو ، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو ۾ اسان جو ساھ آهي ، سنڌو سان جياپو آهي ، سنڌو تي ڪنهن به ڪئنال کي ڪنهن به صورت ۾ منظور نه ڪنداسين ، ارسا جعلي انگن اکرن جي بنياد تي چولستان ڪئنال لاءَ پاڻي موجودگي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري، ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ جي سازش ڪئي آهي، ارسا جو هي عمل ملڪ دشمني تي ٻڌل آهي، اهو ڪٿي جو قانون آهي ته پنجاب جي چولستان جي وارياسي زمين کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سرسبز زمينن کي پاڻي کان محروم ڪري بنجر بڻائڻ جي سازش سٽي پئي وڃي، هنن وڌيڪ چيو ته بورڊ آف انوسٽمينٽ اميڊمينٽ ايڪٽ 2023ع جي ڪاري قانون کي فوري طور ختم ڪيو وڃي ۽ اهي ملڪ دشمن ڪارا قانون ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا ، هنن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ لکين ايڪڙ زمين مقامي ماڻهن کان ڦري پئي وڃي، پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ کي الاٽ ڪيل زمينن کي رد ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن فوري طور جاري ڪري، هنن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي سي سي آئي واري ڊرامي کي سنڌي قوم ناڪام بڻائي ڇڏيو، سنڌي قوم جي پرامن جمهوري جدوجهد جاري آهي، پيپلز پارٽي جا سمورا مڪر سنڌي قوم اڳيان ظاهر ٿي پيا آهن، ڪنڌ ڪوٽ ۽ ملير جي پرامن ڌرڻن تي پوليس تشدد سنڌ کي خانا جنگي ۾ ڌڪڻ جي سازش آهي، پيپلز پارٽي ضيائي جبر استعمال ڪرڻ بند ڪري، ڌرڻي تي تشدد جو حڪم ڏيندڙ پوليس آفيسرن کي فوري طور معطل ڪيو وڃي.