عمرڪوٽ/نيوڇور/ڇور(نمائندن وٽان)حُرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري پاران چونڪي جيسلمير لڳ نيوڇور جي ڳوٺ فقير امين منگريو ۾ لکين مريدن کي زيارت ڪرائي وئي ان موقعي تي ڏيهه توڙي پرڏيهه مان پُھتل حُر فقيرن پاران چئوطرف ڀيڄ پاڳارا جا نعرا لڳندا رھيا، جڏھن ته پير پاڳاري لکين حُرن کي زيارت ڪرائي ۽ ان موقعي تي روحاني خطاب ڪندي پير پاڳاري چيو ته منھنجي حُر جماعت کي خاص ھدايت ٿي ڪجي ته اھا پاڙيسرين جو خيال رکن، پنھنجيون نياڻيون پڙھائن ۽ وڻ پوکيو، ڇاڪاڻ ته وڻ وڏي اھميت رکن ٿا، پير پاڳاري وڌيڪ چيو ته موسمي تبديلين کي ڏسندي چوپايو مال پالڻ شروع ڪريو، پنھنجي اولاد کي سمجھايو ته اُھي فوج جي عزت ڪن، فوج پنھنجي آھي ۽ پاڻ فوج جا آھيون، اسان جيڪو عزت سان رھون پيا، ان ۾ فوج جو وڏو ڪردار آھي، جنھن ملڪ جي فوج مضبوط ناھي، اتي جا ماڻھو دربدري جون ٺوڪرون کائين پيا، فوج دھشتگردي ختم ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آھي، زراعت جي ڄاڻ رکو، موسمي تبديلين تحت فصل پوکيو، اسانکي کي خبر ھجڻ کپي ته ڪھڙو فصل ڪھڙي موسم ۾ پوکڻو آھي، مٿي جي حالتن موجب پاڻي اڃان گھٽ ٿيندو، ان ڪري گھٽ پاڻي وارا فصل پوکيو، سڄو ڏينھن واندو وقت نه گذاريو، مصروف رھو ۽ ڪم ڪندا رھو، پير پاڳاري چيو ته سچ ڳالھايو ۽ صبر ڪريو، جيڪڏھن ڪو رنجائي ٿو ته به صبر ڪريو ۽ برداشت ڪريو ڇو ته معاف ڪرڻ ۽ صبر ڪرڻ سڀ کان وڌيڪ اولين آھي ۽ بھادري آھي، آخر ۾ پير پاڳاري خصوصي دعا ڪئي، پير پاڳاري ان کان اڳ چيف خليفي فقير قادر بخش جي دعوت جي موقعي تي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پھتل اقليتي برادرين جي وفدن سان خاص ملاقاتون ڪيون، انھن جا مسئلا معلوم ڪيا ۽ جماعت جي خليفن کي ساڻن ڀرپور سھڪار ڪرڻ جي ھدايت ڪئي بعد ۾ پير پاڳاري نيوڇور لڳ فقير ابوبڪر ڀيو ۽ ان سان گڏ ٻي جماعت پاران رکيل دعوت ۾ شرڪت ڪئي ۽ خاص دعا پڻ گھري وئي، ٻئي طرف حر جماعت جو روحاني پيشوا ۽ جي ڊي اي جو سربراهه پير پاڳارو 40 سالن کانپوءِ ڪالهه روحاني سفر تي ٿرپارڪر پهچي ويو، ڏاھلي تعلقي جي ڳوٺ ڌني جي ويري ۾ کاهوڙ چونڪي جي خليفي فقير رمضان راهمون جي پڪي دعوت تي رات جو قيام ڪندو، پهتل لکين مريدن ۽ عقيدتمندن کي اڄ 11 ڊسمبر تي صبح جو روحاني ديدار ۽ خطاب ڪرڻ کان پوءِ ڏاھلي ۽ ڇاڇرو تعلقن جي مختلف ڳوٺن جنهن ۾ ڳوٺ بيڪنر، چاڙهيار، کٽڪڙي، ڀوڄڙو، جوجهاري جو پار، وسنداڻي، حبيب کهاڻو، ڇڇي، ڇاڇرو، ڇهونهڙي، وائوڙي دورا، مانٻائي جو تڙ سميت ٻين ڳوٺن ۾ رٿيل دعوتن ۽ چانهه جي دعوتن ۾ شرڪت ڪرڻ کان پوءِ ننگرپارڪر جي مختلف ڳوٺن ۾ حر جماعت جي رٿيل دعوتن ۾ شرڪت ڪندو، 40 سالن کان پوءِ حر جماعت جو روحاني پيشوا پير پاڳارو ٿرپارڪر پهچڻ تي هزارين لکين حر جماعت جا مريد پنهنجي مرشد جي ديدار لاءِ بي صبري سان انتظار ڪري رهيا آهن.