نئين دهلي(شوبز نيوز) ڀارتي سپريم ڪورٽ يوٽيوبر رنوير الهه آباديه کي يوٽيوب چئنل تي پروگرام جاري رکڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، يوٽيوبر ۽ پروڊيوسر سمي رائنا جي يوٽيوب شو ”انڊياز گاٽ ليٽنٽ“ ۾ شرڪت ۽ تڪرار کانپوءِ رنوير جي يوٽيوب پروگرام تي ڀارتي سرڪار پابندي لڳائي، جنهن بعد هن عدالت سان رابطو ڪيو. عدالتي ڪارروائي ٻن هفتن تائين جاري رهي ۽ 3 مارچ تي سپريم ڪورٽ يوٽيوبر کي پروگرام ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي. يوٽيوبر پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته وٽس 280 ملازم آهن، پروگرام تي پابندي سبب سڀ بيروزگار ٿي ويندا، جيڪو انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته يوٽيوبر کي يقيني بڻائڻو پوندو ته هو ڪنهن به طبقي، مذهب يا عمر سان تعلق رکندڙ ماڻهن جا جذبا مجروح نه ڪري، اهڙو مواد نشر نه ڪندو جيڪو غيراخلاقي هجي يا ڪنهن جي دل آزاري جو سبب بڻجي. سپريم ڪورٽ جو چوڻ هو ته رنوير الهه آباديه جا پروگرام فحش نه آهن، پر شو ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي ۽ ڳالهه ٻولهه مناسب ناهي. ياد رهي ته فيبروري جي شروعات ۾ رنوير الهه آباديه انڊياز گاٽ ليٽنٽ شو ۾ سمي رائنا ۽ ٻين يوٽيوبرن سان شرڪت ڪئي هئي. شو دوران رنوير هڪ اميدوار جي سوال تي غيراخلاقي ٻولي استعمال ڪئي هئي،جنهن کانپوءِ يوٽيوبر خلاف ڀارت ۾ سخت ردعمل سامهون آيو، ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ۽ سندس خلاف ڪيترائي ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا هئا.