اڳي ته ائين ڪو نه ٿيندو هو. ماڻهن جي ووٽ کي ڪجهه نه ڪجهه اهميت هوندي هئي. اليڪشن ورڪ کان وٺي جوڙ ٽوڙ تائين مختلف سرگرميون ٿينديون هيون. راڄن کي پرچائبو هو، ووٽن لاءِ منٿون ڪبيون هيون، واعدا ڪيا ويندا هئا. ماڻهن جون معيارون به ڌيرج سان ٻڌيون وينديون هيون. اليڪشن ورڪ ۾ جوش ۽ خروش هوندو هو، پر هيءَ ڪهڙي اليڪشن آهي، جنهن ۾ اُڀ اکين پيو ڏسجي؟ اليڪٽيبلز کي ميڙي چونڊي مخصوص پارٽين ۾ گڏ ڪيو پيو وڃي. مرضي “مٿين” جي ٿي هلي. سياستدان ۽ پارٽين جي قيادت ته رڳو ائين منٿون ڪندي نظر اچي ٿي ته مهرباني ڪري اسان کي به آزمايو، اسان به مايوس ڪو نه ڪنداسين. اهو سڀ انڪري پيو ٿئي ته سياستدانن عوام کي طاقت جو سرچشمو سمجھڻ بدران اقتدار جون ريوڙيون ورهائيندڙن کي سڀ ڪجهه سمجهي ورتو آهي. عوام کي ڇڏي طاقت جو محور ۽ مرڪز ٻين کي مڃي ورتو آهي.
اسان جي ملڪ ۾ هيستائين ڪا به اهڙي اليڪشن ناهي، جنهن تي ڌانڌلي جي حوالي سان آڱريون نه کنيون ويون هجن سواءِ 1970ع وارين چونڊن جي، جن ۾ به اڪثريتي پارٽيءَ کي اقتدار منتقل نه ٿيڻ سبب ملڪ ٻه ٽڪرا ٿي ويو. 2018ع ۽ هاڻوڪين چونڊن ۾ ته اصل اقتدار ڌڻي ته پيٽي ٺيڪيدارن کي اهو ٺيڪو ڏيڻ لاءِ اهڙي نموني ميدان تي لٿل ٿا ڏسجن، جو هن ملڪ ۾ اليڪشن هاڻي چٿر بڻجي رهجي وئي آهي. 2018ع ۾ اليڪٽيبلز جا جهاز ڀري عمران خان کي پهچايا ويا ۽ هن ڀيري به بيلٽ کي بي معنيٰ ڪيو پيو وڃي. سڀني تي اهو واضح ٿيندو وڃي ته بادشاهي جو ڇَٽ ڪنهن جي مٿي تي رکيو ويندو. اڃا ته اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊول جو اعلان نه ڪيو آهي ۽ چونڊون ٿيون ته ان ۾ پولنگ دوران ڌانڌلي جو امڪان گھٽ آهي، ڇو ته جيڪا به ڌانڌلي ٿيندي، اها پولنگ کان اڳ ۾ ٿيندي، جيڪا پري پول رگنگ جي ذمري ۾ اچي ٿي. من پسند پارٽين کي اڳ ۾ ئي ميدان تيار ڪري ڏنو پيو وڃي. هن ملڪ جي سياست غريب ۽ وچولي طبقي جي پهچ کان پري آهي. غريب طبقو ته صرف ووٽ ڏيڻ جي مشين آهي، جيڪا پڻ هاڻي غير اهم بڻجي چڪي آهي. جيئن اڳ ۾ 2018ع واري اليڪشن کان اڳ ۾ ڌرڻن جو سياسي ڌمچر شروع ڪيو ويو هو، هن ڀيري کڻي اليڪشن کان اڳ ۾ اهي ڌرڻا نه به لڳن پر غل ۽ غوغا جا امڪان چٽا ٿيندا وڃن، جنهن سان پڻ اليڪشن جي انعقاد جي حوالي سان ڪي سياسي ڌريون خدشا محسوس ڪري رهيون آهن. علامه طاهر القادري جي تشريف آوري جي نويد پڻ ملي چڪي آهي. هڪ ئي سياسي ڌر تي سونا سنج رکي ان کي مقابلي جي ميدان ۾ لاٿو پيو وڃي ۽ ٻين کي هموار ميدان نه ملندو ته اهڙي اليڪشن کانپوءِ نتيجن کي تسليم ڪرڻ تي پڻ تڪرار شروع ٿي سگهي ٿو، جنهن لاءِ ڀلي کڻي ايورسٽ سَر ڪرڻ جيتري جفاڪشي جي تياري ڇو نه ڪئي وئي هجي پر معاملن جي ڳنڀيرتا ۽ سنجيدگي ڳڻتين ۾ وجھي ٿي ڇڏي. هن ديس جي اڇي ڪاري جي مالڪ ماڻهن کي اهو ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته هي ملڪ ڪنهن ٻئي تجربي جو متحمل نٿو ٿي سگهي. اليڪشن ۽ سليڪشن ۾ فرق هجڻ گھرجي. هن وقت ملڪ هڪ طرف معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، سياسي عدم استحڪام پيدا ڪري ان کي ويتر گهڻين ڏکيائين ۾ وجھڻ ڪهڙي ڏاهپ آهي؟ اليڪشن ۾ ڇڏيو ته عوام پنهنجي ووٽ سان فيصلو ڪري. اڳ ۾ به ڪيل سمورا تجربا ناڪام ٿيا آهن، هن ملڪ کي تجربيگاهه نه بنايو وڃي. اڳ ۾ ئي ملڪ جا ٻه صوبا دهشتگردي جي وَرِ چڙهيل آهن. سمورا گدرا مُٺ ۾ کڻڻ سان مسئلا اڃا به وڌندا.
اسان سمجهون ٿا ته سياست تي اهو زوال انڪري آيو آهي ته سياستدانن عوام کي طاقت جو سرچشمو سمجھڻ ۽ ان تي ڀاڙڻ ڇڏي ڏنو آهي. انهن کي سمجھڻ گهرجي ته عوام جي ٻانهن ۾ ڇَٽَ پَٽن سان هڻڻ جيترو ٻَل اڄ به موجود آهي. هن ملڪ جي مفاد ۽ استحڪام لاءِ اهو ضروري آهي ته شفاف چونڊون ڪرائي اقتدار عوام جي چونڊيل نمائندن جي حوالي ڪيو وڃي. ڏاهپ ۽ تدبر سان فيصلا ڪيا وڃن. حالتن جو ادراڪ ڪيو وڃي. هونئن به تِر جي گُٿي سئو چوٽون کائي، انڪري تاريخ مان سبق پرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.