نوابشاهه (رپورٽر) ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاھ  چيو آهي ته ملڪ کي هن بحران ۾ پهچائڻ وارين پارٽين مان پيپلز پارٽي سڀ کان اڳڀري پارٽي رهي آهي جنهن بدانتظامي ۽ بي ايماني جا رڪارڊ قائم ڪري پاڪستان کي تباهي هيٺ آندو آهي، هنن سنڌ کي لٽڻ کانپوءِ سنڌ کي وڪڻڻ شروع ڪيو آهي هي وقت آهي هنن ظالمن کان حساب وٺڻ جو، اسان قومي ڪارڪن ڪڏهن به ماٺ ڪري ناهيون ويٺا، هر محاذ تي پنهنجي جدوجهد ڪندا رهندا آهيون.