ملڪ ڏانهن ‘ميان’ جي موٽ جو اعلان ‘ڊيل’ جو نتيجو آهي؟

0
96
ملڪ ڏانهن ‘ميان’ جي موٽ جو اعلان ‘ڊيل’ جو نتيجو آهي؟

  ملڪ ۾ عام چونڊون ڪڏهن ٿينديون؟ واري سوال تي اڃان بحث هلندڙ آھن پر اڃان ڪا حتمي تاريخ سامهون نه اچي سگهي آھي، باقي عام طور اهو محسوس ڪيو پيو وڃي ته جنوري جي آخري هفتي يا فيبروري جي پهرئين هفتي ۾ عام چونڊون  ٿي سگهن ٿيون. بحث ته ان مامري تي به هلي رهيو آھي ته عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ صدر جو اختيار آھي يا نه؟ , ان حوالي سان ٻن قسمن جا رايا سامهون اچي رهيا آھن، جن ۾ هڪ راءِ اها آھي ته ڇو ته قومي اسيمبلي ٽوڙي وئي آھي، ان ڪري آئين تحت قومي اسيمبلي جي تڪن تي 90 ڏينهن ۾ عام چونڊ ڪرائڻ لاءِ تاريخ جو اعلان ڪرڻ صدر جو آئيني اختيار آھي. ٻي راءِ اها آھي ته جيئن ته قومي اسيمبلي سان گڏ چئني صوبائي اسيمبليون به موجود نه آھن، ان ڪري ملڪ اندر قومي اسيمبلي سميت چئني صوبائي اسيمبلين جي تڪن تي به هڪ ئي ڏينهن چونڊ ٿيڻي آھي. ان ڪري ملڪ اندر قومي اسيمبلي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي تڪن تي هڪ ئي ڏينهن عام چونڊ ڪرائڻ جو اليڪشن ايڪٽ تحت اڳ صدر جو اختيار هو پر پي ڊي ايم حڪومت اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 57 ۾ ترميمي بل منظور ڪرائي صدر جو چونڊ تاريخ ڏيڻ جو اختيار ختم ڪري اهو اختيار اليڪشن ڪميشن حوالي ڪري ڇڏيو آھي. اهو ئي سبب آھي ته اليڪشن ڪميشن به اهو موقف اختيار ڪري رهي آھي ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار اليڪشن ڪميشن جو آھي پر صدر ان موقف کي تسليم نه ڪري رهيو آھي ۽ مسلسل اهي اطلاع اچي رهيا آھن ته صدر عام چونڊن جي تاريخ جو ڪنهن به وقت اعلان ڪري سگهي ٿو. ڏسڻو اهو آھي ته تازو 8 سيپٽمبر تي بطور صدر پنج سالن جي مدت مڪمل ڪري وٺندڙ ڊاڪٽر عارف علوي آئيني گنجائش تحت عبوري طور عهدي تي ويهي پنهنجي مرضي وارا سياسي فيصلا ڪرڻ وارو رستو اختيار ڪري ٿو يا نه، صدر کي ان حوالي سان مامرو واضح ڪرڻو پوندو، ڇو ته هڪ طرف عارف علوي مٿان پي ٽي آءِ فوري عام چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اعلان ڪرڻ جو بار بار مطالبو ڪري رهي آھي. اهو ئي سبب آھي جو ڪالھ اربع ڏينهن تي  صدر عارف علوي چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي 6 نومبر تي قومي اسيمبلي جي تڪن تي چونڊ ڪرائڻ جي تاريخ تجويز ڪئي آھي. دلچسپ ڳالھ اها آھي ته صدر جو خط ۾ اهو لکڻ ته قومي اسيمبلي جي تڪن تي 6 نومبر چونڊ جي تاريخ هجڻ گهرجي، صدر اگر آئيني طور تاريخ مقرر ڪرڻ پنهنجو اختيار سمجهي ٿو ته پوءِ کيس “تاريخ مقرر ڪئي آھي، ان تاريخ تي چونڊ ڪرائي وڃي” جو لکڻ گهرجي ها پر ائين صدر عارف علوي نه ڪيو آھي ۽ خط ۾ قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي تڪن تي چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ لاءِ اعليٰ عدليه سان به رجوع ڪرڻ جو چيو آھي. مطلب ته چونڊون ڪڏهن ٿينديون؟ وارو سوال اڃان تائين پنهنجي جاءِ تي موجود آھي.

بحث ته ان سوال تي به اڃان هلي رهيو آھي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ هڪ پارٽي طور حصو وٺي سگهندي يا نه؟ نه رڳو ايترو پر ان حوالي سان ان سوال تي به بحث ٿي رهيو آھي ته عام چونڊون ۾ اگر پي ٽي آءِ حصو ورتو ته ڇا عمران خان چونڊ وڙهڻ لاءِ اهل هوندو؟ ڇا عمران خان عام چونڊن کان اڳ جيل مان آزاد ٿي چونڊ مهم هلائي سگهندو يا مائنس عمران خان پي ٽي آءِ کي عام چونڊن جي ميدان ۾ لهڻو پوندو. بحث ته ان سوال تي به هلي رهيو آھي ته عام چونڊن بعد مرڪز ۾ حڪمران پارٽي جو تاج ڪهڙي پارٽي کي ملندو. ان حوالي سان پي ٽي آءِ وارا ته اهو سمجهي رهيا آھن ته اگر شفاف چونڊون ٿيون ته مرڪز ۾ حڪمراني جو تاج پي ٽي آءِ کي آساني سان ملي ويندو، ڇو ته عوامي حمايت، پي ٽي آءِ وارن موجب، واضح طور پي ٽي آءِ سان نظر اچي رهي آھي. پيپلزپارٽي به عام چونڊن بعد مرڪز ۾ حڪومت ٺاهي سگهڻ جي اميد لڳائي ويٺي آھي پر ان لاءِ پيپلزپارٽي کي سنڌ ۾ اڪثريت سان کٽڻ سان گڏ بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب صوبي ۾ به سيٽون حاصل ڪرڻيون پونديون، جيڪو عمل پيپلزپارٽي لاءِ هڪ چئلينج بڻيل آھي. ائين عام چونڊن بعد حڪمران پارٽي جو تاج مسلم ليگ (ن) کي ملڻ بابت مسلم ليگ نواز جا اڳواڻ به پُراميد نظر اچي رهيا آھن. ان حوالي سان اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي پرنسپل سيڪريٽري طور  ڪم ڪندڙ فواد حسن فواد جي موجوده نگران ڪابينا ۾ وفاقي وزير طور شامل ٿيڻ کي هڪ اشاري طور ڪجھ حلقن سمجهڻ شروع ڪيو آھي. بهرحال مامرو ڪجھ به هجي پر فواد حسن فواد جي نگران ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ مسلم ليگ (ن) لاءِ ميدان هموار ٿيڻ جو تاثر ڏيڻ جو عمل شروع ٿيو آھي. ڇا ان عمل کي اتفاق قرار ڏئي سگهجي ٿو ته جنهن ڏينهن صدر، فواد حسن فواد کي نگران ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني، ان ڏينهن ئي مسلم ليگ نواز جي سربراهه ميان نواز شريف پاڻمرادو جلاوطني ختم ڪري لنڊن کان پاڪستان واپس اچڻ جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، معلوم نه آھي ته اهو اتفاق آھي  يا ڪنهن طئه ٿيل حڪمت عملي جو حصو آھي پر نواز شريف جي ملڪ واپسي جو اعلان انتهائي اهم نوعيت جي سياسي پيش رفت آھي، ڇو ته پي ٽي آءِ دور ۾ پليٽليٽس خطرناڪ حد تائين ڪري پوڻ کي جواز بڻائي عدالتي اجازت سان 2019ع ۾ چئن هفتن لاءِ لنڊن ويل نواز شريف اڃان تائين پاڪستان نه آيو آھي. ان عرصي دوران سياسي مخالف نواز شريف کان واپس اچڻ جا مطالبا ڪندا رهيا پر نواز شريف جي اچڻ جو ڪو پروگرام سامهون نه آيو. ايتري تائين جو مسلم ليگ (ن) جي تمام سينيئر اڳواڻ ۽ نواز شريف جي ويجهي ساٿي طور سڃاڻپ رکندڙ خواجه آصف ميڊيا ۾ اهو واضح بيان ڏئي چڪو آھي ته، “نواز شريف جي ملڪ  واپسي ان وقت تائين ممڪن نه آھي، جيستائين ان جي واپسي جي نتيجي ۾ ان لاءِ رسڪ ليول زيرو نه هوندي”. نواز شريف 21 آڪٽوبر تي ملڪ واپس اچڻ جو اعلان ڪيو آھي. سوال هي آھي ته ڇا نواز شريف لاءِ رسڪ ليول زيرو تي اچي چڪي آھي؟ سوال هي به آھي ته اها رسڪ ليول ڪيئن زيرو تي آئي آھي؟ سوال هي به آھي ته ڇا نواز شريف ملڪ واپس اچڻ بعد جيل ياترا کان بچي ويندو؟ اهڙي نوعيت جا ٻيا به کوڙ سارا سوال ڪر کڻي بيٺل آھن، جن سوالن جا جواب نواز شريف جي ملڪ واپسي بعد ان سان ٿيندڙ ورتاءَ کي ڏسي ملڻ شروع ٿي ويندا، باقي في الحال مسلم ليگ نواز جي اڳواڻن کي اهو لڳي رهيو آھي ته نواز شريف جي ملڪ واپسي مسلم ليگ ن لاءِ وڏي سياسي فائدي جو سبب بڻبي. اگر نواز شريف ملڪ ايندي ئي گرفتار ڪيو ويو ته ان سان به نواز ليگ کي سياسي فائدو ٿيندو ۽ نواز شريف جي ملڪ واپس اچڻ بعد نواز ليگ کي اميد آھي ته کيس عدليه مان رليف ملي ويندو. نه رڳو ايترو پر ملڪ اچڻ بعد نواز شريف پنهنجي عمر ڀر چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهلي جي سزا خلاف اپيل به قاضي فائز عيسيٰ جي چيف جسٽس ٿيڻ بعد عدالت کي ڪري سگهندو. مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ سمجهن ٿا ته نواز شريف ملڪ واپس اچي مسلم ليگ نواز جي ووٽرن ۽ سپورٽرن کي پارٽي جي حق ۾ آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. نواز ليگ اڳواڻن جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي اهو محسوس ٿي رهيو آھي ته کيس اهو احساس آھي ته مسلم ليگ نواز جي مقبوليت کي ان جي گهر پنجاب ۾ نقصان پهتو آھي ۽ ان جو ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ سان سخت مقابلو آھي پر ڇا رڳو نواز شريف جي آمد سان مهانگائي ۽ ٻين سببن ڪري نواز ليگ جي مقبوليت ۾ پيل  ڊينٽ ختم ٿي سگهندو ۽ مسلم ليگ (ن) ٻيهر پنجاب جي سڀ کان مقبول پارٽي بڻجي ويندي؟ اهو اهڙو سوال آھي جنهن جو جواب نواز ليگ وٽ پنهنجو ۽ پي ٽي آءِ ۽ پيپلزپارٽي وٽ جواب نواز ليگ کان بلڪل مخلتف ۾ متضاد آھي. ائين ڪيترائي صحافتي حلقا به رڳو نواز شريف جي واپسي سان پنجاب ۾ نواز ليگ جي پراڻي مقبولت بحال ٿيڻ کي مشڪل عمل سمجهي رهيا آھن. ڪجھ حلقا ته اهو به سمجهي رهيا آھن ته نواز شريف جي ملڪ واپسي جي پروگرام جي تاريخ ۾ تبديلي به ٿي سگهي ٿي. اگر نواز شريف جي واپسي ڪيل اعلان تحت ٿي وڃي ٿي ته اهو عمل هڪ طئه ٿيل حڪمت عملي جو حصو ٿي سگهي ٿو. سوال هي آھي ته نواز شريف پاناما ڪيس باوجود اگر چونڊ مهم هلائي ۽ عمران خان جيل اندر رهي ته ان کي سياسي حوالي سان ڪيئن حقي واجبي ۽ سڀني لاءِ برابري جو ورتاءُ چئي سگهبو. اگر نواز شريف سان گڏ عمران خان به چونڊن لاءِ اهل ٿئي ٿو ۽ ٻنهي کي چونڊ مهم جي اجازت ملي ٿي ته ان سان عمران خان جي مقبوليت کي نواز شريف ڪيئن گهٽ ڪري سگهندو؟ ڪجھ حلقن جو خيال آھي ته عمران خان سان گڏ نواز شريف به چونڊن تائين جيل ۾ رهي سگهي ٿو، جنهن سان “قانون سڀني لاءِ برابر آھي” جو تاثر به ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ۽ ان سان نواز شريف لاءِ پنجاب ۾ موجوده نگران حڪومت ۾ جيل جي سختي علامتي هوندي.