ملڪ پيرن تي بيٺو آهي، جمهوريت ۽ سياست کان اڻڄاڻ ٽولن کي لانگ مارچ ۽ پرتشدد احتجاج جي اجازت نه ڏبي: نواز شريف

0
39

لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف چيو آهي ته هٿرادو سياسي بحران پيدا ڪرڻ جي ڪابه ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي، جمهوريت ۽ سياست جي بنيادي اصولن کان اڻڄاڻ ٽولن کي هاڻي لانگ مارچ، ڌرڻن ۽ پرتشدد احتجاج جي اجازت نه ڏني ويندي، سينيٽر عرفان صديقي سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر ڏڦيڙ پکيڙيندڙن جا ارادا وائکا ڪرڻا پوندا، اهي ماڻهو سنجيده ڳالهين ۽ سياسي مفاهمت سان معاملا حل ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن، ن  ليگ سينيٽر عرفان صديقي نواز شريف سان ملاقات ۾ پارلياماني پارٽي جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪيو، نواز شريف چيو ته 2013ع ۾ شروع ٿيل سفر جاري رهي ها ته اڄ نه آءِ ايم ايف ۽ نه ئي پرڏيهي مدد جي ضرورت نه پوي ها، پاڪستان جو عوام ڪنهن کي به ترقي ۾ رخنو وجهڻ جي اجازت نه ڏيندو. ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيٺو آهي، نوجوان نسل کي پرامن ۽ ترقي ڪندڙ پاڪستان جي ضرورت آهي، ڌرڻا هڻندڙن کي ناڪام بڻايو وڃي.