ڄامشورو(رپورٽر) سروري تنظيم ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ دريائن جي بچاءُ واري عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌو درياءَ تي وفاقي حڪومت پاران ڪئنال ٺاهڻ واري رٿا جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي، ته سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ جي سازش آهي. سنڌ جو عوام هن سازش کي ڪڏهن به  قبول نه ڪندو. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته هي ملڪ ٺهڻ کان وٺي سنڌ تي تجربا ٿيندا رهيا آهن، حڪمران تاريخ مان سکڻ لاءِ تيار نه آهن، جڏهن ته سنڌ کي پوري طرح پاڻي نه ملڻ ڪري ڪيتريون ئي زمينون غير آباد آهن، جيڪڏهن نوان ڪئنال ٺاهيا ويا ته سنڌ سڪي بنجر ٿي ويندي. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“چيو ته هن قسم جا تڪراري فيصلا سنڌ توڙي ملڪي سلامتي لاءِ خطرو آهن، ان ڪري حڪومت فوري طور تي اهڙا فيصلا واپس وٺي ملڪي سلامتي کي قائم رکي.