‘190 پائونڊ ڪيس’ ۾ عمران خان کي 14، جڏهن ته بشريٰ بي بي کي ستن سالن جي سزا ٻُڌائي وئي. فيصلي کان ڪُجهه ڏينهن اڳ ڪافي مشهور صحافين ان جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي هئي. اُنهن جي بقول گذريل هڪ سال کان هلندڙ هِي ڪيس ‘اوپن اينڊ شٽ’ يعني اهڙو ڪيس جنهن ۾ ڪو ابهام ناهي هوندو. عمران خان ته اڳ ئي اڊياليا جيل ۾ آهي، بشريٰ بي بي کي پڻ جيل ۾ پهچايو ويو. ڪجهه ڏينهن ۾ وري ٻئي ڌريون هاءِ ڪورٽ ۾ نظر اينديون. وري ان حوالي سان خبر جي بازار گرم رهندي! ڇاڪاڻ ته هي ملڪ طاقتور اشرافيه جو آهي، ان ڪري خبرون به انهن جون ئي هلنديون آهن؛ جڏهن ته ملڪ ۾ نه مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي ٿي، نه يوٽيلٽي بلن ۾ ڪا رعايت ٿي ۽ نه ئي ڳرن ٽيڪسن ۾ جو بار گهٽيو، مسلسل ڪرپشن ۽ ٻاهريون قرض عام ماڻهوءَ جي جيون کي جنوريءَ جي پاري جيان ساڙيندو رهيو. انهن سڀني حالتن ۾ حيرت جي اها ڳالهه ته هتان جي طاقتور ايليٽ ڪلاس جا ٻاهرين ملڪن ۾ اثاثا وڌندا رهيا. آهي نه بلڪل نرالي صورتحال، لڳ ڀڳ تڏهن کان جاري آهي، جڏهن کان هن ملڪ جو وجود عمل ۾ آيو. انهيءَ حالتن کي ‘ملڪ جو نازڪ موڙ’ پڻ چيو ويندو آهي. جنهن کي گذريل ٻن سالن کان آمريڪا جي هڪ يونيورسٽي ڪيس اسٽڊي طور پڙهائڻ شروع ڪيو آهي. ان اسٽڊي جو عنوان به نهايت دلچسپ آهي. Pakistan at 75: When Will the NazukMorr End? هن اسٽڊي جي عنوان ۾ ‘نازڪ موڙ’ جو اصطلاح استعمال ڪيو ويو آهي. هِي اهو ٽرم آهي، جيڪو پاڪستان جي هر سياستدان کي ٺيڪ طرح ياد آهي. نه صرف ياد پر ان جو گهڻو استعمال پڻ ڪيو ويندو آهي.
فنانشل ٽائيمز جي گذريل سال جي بين الاقوامي درجابندي موجب هارورڊ اسڪول جو ايم. بي. اي. پروگرام يارهين نمبر تي رهيو آهي. جنهن لاءِ چيو پيو وڃي ته اتي هن عنوان هيٺ تحقيق ڪرائي ويندي. ٻين لفظن ۾ ان معاملي جي ‘ڪيس اسٽڊي’ ڪئي ويندي. ڪيس اسٽڊي ڪنهن به يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائڻ جو هڪ اهڙو طريقو هوندو آهي، جنهن ۾ شاگردن کي اجازت هوندي آهي ته حقيقي مسئلن کي بيان ڪن. ان ئي طريقي سان پوءِ مسئلن جي حل بابت تحقيق شامل ڪئي ويندي آهي. هڪ لحاظ کان اها يقينن دلچسپ تحقيق هوندي. باقي اها پنهنجي جاءِ تي ڪڙي حقيقت ته پاڪستان سان گڏ ڄاول هاڻي ڪراڙپ تائين پهچندڙ پاڪستاني به پنهنجي ڄم کان اهو ئي ٻڌندا پيا اچن ته ‘ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي!’ آباديءَ جي لحاظ کان پنجين نمبر کي ڇهندڙ ملڪ ڄاڻ ٽئين نمبر جي پوزيشن حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ شامل آهي. هن ديس جو نازڪ موڙ ايترو ته طويل آهي جو ختم ٿيڻ جي ڪا اميد نظر نه ٿي اچي. هن ملڪ جي بدقسمتي جو گذريل 77 سالن کان پيدا ٿيل مسئلا، جنهن ۾ معاشي بحران ۽ مالي حالتن کان بيروزگاري، جنسي عدم مساوات، آباديءَ ۾ مسلسل اضافي جي ميزائلن جيتري رفتار تائين، سڀني مسئلن مان هن گهڙي تائين جو به مستقل طور حل نه ٿي سگهيو آهي. انهن سڀني مامرن ۾ 44 سالن کان دهشتگرديءَ جو ناسور الڳ، جنهن ۾ عام ماڻهو ذهني مريض ٿي ويو آهي. حاڪمن کي ڇا آهي؟ بس انهن جي ترجيحن ۾ ‘اڄ جو ڪم ٽپايو’ واري پاليسي ئي نظر اچي ٿي.
اڄ ڏينهن تائين ڪيترن حڪمرانن اها ڳالهه سوچي ته پاڪستان جي قيام جي وقت ملڪ جي جيتري آبادي هئي، اها هاڻي ڪٿي پهتي آهي؟ اهو پڻ ته 1947ع جي ورهاڱي کانپوءِ اڄ تائين اهو ملڪ ناهي رهيو، يعني ٻن برابر حصن ۾ ورهائجي ويو. اهو پڻ ته موجوده پاڪستان جي سگهارن ماڻهن، جن وٽ سدائين طاقت رهي، انهن ڪڏهن سوچيو ته پراڻو اوڀر پاڪستان ۽ موجوده بنگلاديش مسلسل اڳتي ڪيئن وڌندو رهيو، ڪهڙي نموني سان انهن آباديءَ جي جِنَ کي سوگهو ڪيو. اهڙين ڳالهين ۽ سوالن جا جواب شايد هِي آهن ته ملڪ جي پاليسي جوڙيندڙ ادارن ڪڏهن به خلوص نيت سان ڊگهي عرصي تائين اهڙيون ڪي به پاليسيون نه ٺاهيون، جنهن سان ملڪ ۽ ماڻهن جو ڀلو ٿي سگهي، جيڪڏهن ڪنهن دور ۾ اهڙيون پاليسيون ٺهيون ته به ‘حالتون مناسب ناهن’ چئي انهن تي عمل نه ڪيو ويو.
هن ملڪ جي حالت هِيءَ آهي جو 24 ڪروڙن جي آباديءَ ۾ اهڙن ماڻهن جي اڪثريت آهي، جيڪي ديس کي ‘اسلام جو قلعو’ قرار ڏئي فخر ڪندا رهن ٿا. ڀلي هو ان ڳالهه تي فخر ڪن پر اهو پڻ سوچين ته مسلسل قرضن جي پنجوڙ ۾ ملڪ سوچڻ سمجهڻ، آزاديءَ سان فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت به وڃائي پيو. ڪجهه صورتن ۾ ته حالتون ‘ڏيوالي’ تائين پهچيو وڃن، رحم جوڳي ان صورتحال ۾ ايٽم بم هجڻ يا نه هجڻ سان ڪهڙو فرق پوي ٿو. جديد دنيا جي تقاضائن موجب بم سان گڏ کيسي ۾ پئسا هجڻ به ضروري آهن. پنهنجي صورتحال هِيءَ آهي ته ڪرنسيءَ جو قدر مسلسل ڪرڻ سبب پاڪستاني روپيي جو شمار دنيا جي انتهائي ڪمزور ڪرنسيءَ ۾ ٿيڻ لڳو آهي. ڊالر، يورو ۽ پائونڊ کي ته ڇڏيو، پر پاڪستاني روپيو، پاڙيسري هندستان جي روپيي ۽ بنگلاديش جي ٽڪي کان به گهٽجي ويو آهي. افغاني ڪرنسي به ڊالر جي باور تي پاڪستاني روپيي کان مٿي آهي. ڏوڪڙن جي معاملي ۾ ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان حڪومتن جي اڳيان اهو چئلينج رهيو ته ڪهڙي ريت ناڻي جي گهٽ ٿيندڙ ذخيرن کي سنڀالجي، ڪهڙي ريت قسطن جي ادائگي ڪجي، ڪهڙي ريت آءِ. ايم. ايف. ۽ ورلڊ بينڪ کان قرض جي نئين قسط حاصل ڪجي. ان جي وچ تي دهشتگردي جو راڪاس پڻ ‘آدم بوءِ آدم بوءِ…’ پئسن کي ڳڙڪائيندو رهي ٿو.
سال 2023ع جي آدمشماريءَ ۾ پاڪستان جي آبادي چوويهه ڪروڙن کان چڙهي چڪي آهي. جنهن ۾ مردن جو تناسب 51 سيڪڙو جڏهن ته عورتون 49 سيڪڙو آهن. پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن ۾ سرفهرست آهي، جنهن ۾ 30 سالن کان هيٺ عمر جي نوجوانن جو انگ سڀني کان گهڻو آهي، ان ۾ وري خطري جي ڳالهه ته ملڪ جي آباديءَ ۾ جيترو انگ نوجوانن جو آهي، اوترائي گهڻا بيروزگار پڻ آهن، پوءِ اهي ڪيترا مسئلا آهن. ڪير به انهن کي سمجهڻ لاءِ تيار ناهي. آباديءَ ۾ جنسي تناسب ۾ وري ملڪ جي مسئلن جو سڄو وزن مردن جي ڪلهن تي آهي. 49 سيڪڙو عورتن کي گهڻو ڪري ‘چادر ۽ چؤديواري’ جي مقدس لفظن ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. مان نه ٿو ڄاڻان ته ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جو انگ يا ڪل آباديءَ ۾ انهن جو سيڪڙو ڪيترو آهي، پر ٻهراڙين ۽ وڏن شهرن ۾ ڪجهه عورتن کانسواءِ ملڪ جي مڊل آبادي رکندڙ شهرن ۾ عورتن جو ڪم ۾ حصو نه هئڻ جي برابر آهي. نتيجي ۾ ڪافي سوال اُڀرن ٿا، جهڙي ريت هڪ سوال ته: جيڪڏهن مسئلا سئو سيڪڙو آباديءَ سان آهي ته حل لاءِ به سئو سيڪڙو کي اڳتي اچڻ گهرجي. ان لاءِ وري به سرڪار کي ئي اڳتي اچڻو پوندو، دليريءَ سان نه صرف فيصلا پر انهن تي عمل به ڪرائڻو پوندو. هن سڄي معاملي ۾ هڪ ڳالهه ته ملڪ ۾ مردن جي مقابلي ۾ عورتون به ڪم ڪرڻ چاهين ٿيون، پر انهن کي مناسب موقعا نه ٿا ملن. جيڪر عورتن لاءِ ڪي مناسب حالتون پيدا ڪيون وڃن ۽ عورتون مردن جي برابر ڪمن ۾ لڳي وڃن ته جيڪر ديس جو ڀلو ٿي وڃي، پنڻ مان جان آجي ٿئي، ڀلي انهن ڪمن جا نتيجا دير سان اچن، پر ڪنهن کي ته پهريون قدم کڻڻو پوندو.
ملڪ ۾ جيڪڏهن موجوده ماڻهن جي سگهه کي روزگار ڏيندي، عورتن کي ساڻ وٺي پوري ريت انساني وسيلن کي استعمال ڪيو وڃي ته مستقبل ۾ دنيا جي اڪيلي مسلم ايٽمي طاقت کي ‘ڏيوالي’ نڪرڻ جو ڪو خطرو ناهي. ان سان گڏ بيروزگاريءَ جو جن به بوتل ۾ بند ٿي ويندو. ملڪ گهٽ ۾ گهٽ سڌي راهه تي هلڻ شروع ٿيندو. انهن سڀني سهانن منظرن ۾ اهو سوال پنهنجي جاءِ تي ته ‘اهو ڪير ڪندو؟’ ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ملڪ ۾ فقط فوجي توڻي سول حاڪمن جا چهرا تبديل ڪيا آهن. اهڙو ڪو حاڪم اڳيان ناهي آيو، جيڪو درست رخ ڏانهن اڳتي وڌي، نتيجي ۾ ملڪ کي درپيش ‘نازڪ موڙ’ ڪڏهن به ختم نه ٿيندو.